راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل جاويد قمر باجوه اين اين سي او سي ٽيم کي 500 ڏينهن لڳاتار محنت ۽ خدمت تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي، آرمي چيف چيو آهي ته اين سي او سي جي بهترين رد عمل سان قيمتي انساني جانيون بچائي سگهياسين، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر قومي حڪمت عملي جي تحت ڪورونا وبا جي تحفظ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن، آرمي چيف وڌيڪ چيو ته اين سي او سي جي سموري ٽيم کي 500 ڏينهن لڳاتار محنت ۽ خدمت ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪورونا وائرس جي وبا خلاف پاڪستان جو اثرائتو رد عمل ڏنو،جنهن ڪري جانيون بچيون هيون.
