123

سلامتي ڪائونسل ۾موقف پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ وڏي سفارتي ناڪامي آهي:پيپلزپارٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل ۾موقف پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ وڏي سفارتي ناڪامي آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته بند ڪمرن ۾ٺاهيل پاليسين پاڪستان کي خطرناڪ موڙ تي بيهاري ڇڏيو آهي،سيڪيورٽي ايڊوائيزر معيد يوسف جو آمريڪي دورو به ناڪام ويو آهي، خدا نه ڪري جو اهڙو وقت اچي،جو پاڪستان کي پابندين کي منهن ڏيڻو پئي،اسان کي انهن سڀني شين کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته حالتن جي گهرج آهي ته حڪومت ۽ عسڪري قيادت پارليامينٽ کي حقيقي صورتحال کان آگاهه ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو