لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته شهباز شريف سان اختلاف ناهن،راڻا تنوير جي ڳالهه جو احترام ڪيان ٿو، هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ هن چيو ته جماعت ۾اختلاف راءِ هر وقت هوندي آهي،راڻا تنوير جيڪو چيو اهو به اختلاف راءِ آهي، هن چيو ته جيڪڏهن 2018ع جي چونڊن ۾شهباز شريف جي حڪمت عملي هئي ته ان جي مون کي خبر ناهي، هو اسان جو ليڊر آهي، ايندڙ ميٽنگ ۾ڏسندس ته ڪهڙي حڪمت عملي هئي.
