168

دولتپور جي ”ديھه کڙ“ جا بنيادي مسئلا ڪير حل ڪندو..؟؟

ليکڪ: اياز هاشم ڀٽو 

21 هين صدي  ۾ دنيا جيڪا ترقي ڪئي آهي، ان بابت انسان ڪڏهن سوچيو به نه هو، گهر ۾ ماني پچائڻ کان وٺي ڪار ڊرائيونگ تائين هاڻي روبوٽ ڪم ڪن ٿا،  جديد مشينرين ذريعي مسئلا حل ٿين ٿا پر افسوس جو اسان جي سٻاجهڙي سنڌ جي ڳوٺن جا سادا ماڻهو، نيون ٽيڪنالوجيون ته پري جي ڳالھه آهي پر ملڪ جي آئين ۾ مليل بنيادي حقن کان به محروم آهن، سنڌ جي وڏن شهرن ۽ انهن جي مسئلن تي ته هر ماڻهوءَ جي نظر پوي ٿي، توڙي جو قومي ميڊيا به رڳو وڏن شهرن جا مسئلا سامهون آڻي ٿي پر سنڌ جي وسندين کي  نه ميڊيا ٿي ڪوريج ڏي نه وري اسان جي مصروف چونڊيل نمائندن وٽ ايترو وقت آهي جو ڳوٺن ۾ وقت ڪڍي اچن. بنيادي مسئلن جي ورچڙهيل علائقن ۾ سٽي ”دولتپور“ جي ديھه کڙ به شامل آهي، هن ديهھ ۾ گهڻي مان گهڻي آبادي ڀٽا برادري جي آهي، انهن مٿان ٿيندڙ ناانصافين جو داستان ڪٿان کان شروع  ڪجي؟ هن ديهھ ۾ سورن سان ڀريل، دردن جا ماريل ۽ بنيادي مسئلن کان محروم جيڪي ڳوٺ آهن، تن ۾ ڳوٺ ساماڻو ڀٽو،  ڳوٺ راهب ڀٽو، ڳوٺ عمر ڀٽو، ڳوٺ عبدالخالق ڀٽو، ڳوٺ سونو خان ڀٽو، ڳوٺ مبارڪ ڀٽو، ڳوٺ عطا محمد ڀٽو، ڳوٺ حاجي ميهر ڀٽو، ڳوٺ ماڻڪ ڀٽو، ڳوٺ فتح محمد ڀٽو، ڳوٺ انعام ڀٽو، ڳوٺ فضل ڀٽو، ڳوٺ حاڪم ڀٽو، ڳوٺ عبدالڪريم ڀٽو، ڳوٺ عبداللطيف ڀٽو، ڳوٺ واحد بخش ڀٽو،  ڳوٺ خان محمد ڀٽو، ڳوٺ الهھ ڏتو ڀٽو، ڳوٺ عبدالواحد ڀٽو، ڳوٺ لونگ ڀٽو شامل آهن، هي ديهھ کڙ جي رستي کان ويندي 32 هزار موري تائين پکڙيل آهن، ڄاڻايل ڳوٺن ۾ 45  هزار کان مٿي ووٽ موجود آهن، ڏيڍ لک کان مٿي آبادي رکندڙ  آهي پر افسوس جو گذريل 20 سالن ۾ اسان جي ڳوٺن جا بنيادي مسئلا ناهن حل ٿي سگهيا، ڪابه سهولت ناهي ملي، ڪوبه  ترقياتي ڪم نه پيو ٿئي. رڳو ٺلها آسرا ملن ٿا. هتي  بنيادي سهولتن مان رورل هيلٿ سينٽر، بجلي ٽرانسفارمز، روڊ، اسڪول، واهن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، هتي اسپتال نه هجڻ ڪري ايمرجنسي جي صورت ۾ تمام گهڻي ڏکيائي ٿئي ٿي، اڪثر ڪري مريض اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي مري وڃن ٿا، بجلي نه هئڻ جي برابر آهي، 5 ڳوٺن کي صرف 25 وولٽ جو ٽرانسفارم مليل آهي، جيڪو هڪ نه ٻئي ڏينهن خراب آهي، تارون ڪرڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي، بجلي جو وڏو مسئلو آهي، روڊ نه هئڻ جي ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي چڪو آهي، جنهن سبب 10 کان 15 منٽن جو سفر 50 منٽن کان هڪ ڪلاڪ تائين طئي ٿئي ٿو، جنهن سبب ڳوٺن جو عوام سخت پريشان آهي، ڳوٺن ۾ اسڪول نه هئڻ جي برابر آهن، ڪجهه اسڪول آهن اهي به تباھه ٿي چڪا آهن،  انهن ۾ نه بجلي آهي، نه وري ليٽرين ۽ نه ئي استاد پڙهائڻ اچن ٿا، جن اسڪولن ۾ 4 يا  5 استاد  آهن اهي به نه هئڻ جي برابر آهن، جنهن ڪري 700 کان مٿي شاگردن  جي تعليم داءُ تي لڳل آهي. پاڻي جي سهولت نه هئڻ جي ڪري فصل تباھه ٿي رهيا آهن، علائقي مان لنڊڪي شاخ نڪري ٿي پر ان جو پاڻي به آبادگارن کي نٿو ملي، اسان غريبن جو ٻنيون سڪي خشڪ ٿي ويون آهن، غريب ماڻهو هجڻ ڪري مهانگي تيلن ۽ مشينن جا خرچ برداشت نٿا ڪري سگهون، هن سموري علائقي کي ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ هي ڳوٺ ضلعي شهيد بينظير آباد جي نقشي ئي تي ناهن يا حڪمرانن جي نظرن کان اوجهل آهن. اسان اعليٰ اختيارين، خاص طور ضلعي انتظاميا ڊپٽي ڪمشنر ۽ پنهنجي علائقي جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته سهولتون فراهم ڪري  عذاب واري زندگي گهارڻ کان بچايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو