123

ڪورونا جي خراب صورتحال ۽ احتياطي اپائن وارو سوال…؟؟

ليکڪ: جاويد احمد شيخ

ملڪ ۾ انڊين وائرس ڊيلٽا ۽ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جا هاڃا جاري آهن ۽ انهي وائرس جي سڀني کان وڌيڪ شدت سنڌ ۽ خاص ڪري ان جي گادي واري هنڌ ڪراچي شھر ۾ آهي پر هن موتمار وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت چوٿين لهر تائين به هڪ پيج تي نه اچي سگهيون آهن. جنهن ڪري اها وبا تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ عوام انهي وبا، لاڪ ڊائون ۽ حڪومتن جي غير سنجيدگي کي منهن ڏئي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي رهي آهي تازين رپورٽن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي  ڪيس جي شرح 7 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، جنهن سبب ملڪ جي وڏن توڙي ننڍن شهر ۾ ويڪسينيشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ برطانيا جي ڪورونا وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ انڊين وائرس ڊيلٽا تباهي مچائي ڇڏي آھي، سنڌ حڪومت جي اعلان کانپوءِ ئي هڪ طرف ڪراچي جا واپاري، دڪاندار ان جي سامهون اچي ويا ته ٻئي طرف وفاقي حڪومت جي وزيرن خاص ڪري اسد عمر ۽ فواد چوڌري سنڌ حڪومت جي اعلان جي ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار سان مشاورت ناهي ڪئي، جڏهن ته هنن سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي ڪرفيو جهڙو به ڪوٺيو ۽ سنڌ سرڪار کان صنعتون کولڻ جو مطالبو به ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ سرڪار جو به چٽو موقف آهي ته لاڪ ڊائون اين سي او سي جي ورتل اجازت سان ئي لڳايو ويو آهي، وفاقي سرڪار انتشار نه پکيڙي ۽ اجائي واويلا نه ڪري هي صحت جو معاملو آهي، انهي کانسواءِ ٻنهي حڪومتن هڪٻئي خلاف ٻيا به الزام لڳايا آهن. شهرن ۾ ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند ڪئي وئي، موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي، جيڪا وري ٻئي ڏينهن واپس ورتي وئي، هوڏانهن ڪراچي جي واپارين لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي جو چتاءُ به ڏنو هو، جن جو چوڻ هو ته 3 صوبا هڪ پاسي ۽ سنڌ حڪومت جون پاليسيون ٻئي پاسي آهن پر جيڪڏهن ڏسجي ته سنڌ ۾ جيڪا ڪورونا جي شدت آهي اها ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي ۽ انڊين وائرس ٻين وائرسن جي ڀيٽ ۾ تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آھي تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي قدم به وڌيڪ سخت کڻڻا پئجي رهيا آهن. لاڪ ڊائون جي اعلان کانپوءِ ويڪسنيشن سينٽرن تي جيڪا عوامي رش ٿي رهي آهي اها خود انهي ڪورونا کي وڌائڻ جو سبب بڻجي رهي آهي، ڪراچي سميت هر شهر ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ ماڻهو وڏي تعداد ۾ ويڪسينيشن ڪرائڻ لاءِ نڪري پيا آهن، صبح جو پهچندڙ ماڻهو شام تائين به ويڪسين ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿا ٿين، جنهن ڪري شهري پريشان ٿي رهيا آهن. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ ۾ جتي ماڻهن جي غفلت ۽ غير سنجيدگي شامل آهي اتي انتظامي نااهلي پڻ ان جو وڏو ڪارڻ آهي، ڇو ته وفاق توڙي صوبائي حڪومت جڏهن ڪورونا دوران لڳل پابندين ۾ نرمي ڪئي هئي ۽ آهستي آهستي پابنديون هٽايون هيون تڏهن به اها اپيل ڪئي وئي هئي ته احتياطي اپائن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ڪيو وڃي، اسان ان وقت ئي اهي دانهون ڪيون هيون ته تعليمي ادارا کولڻ ته بهتر عمل آهي پر ٻئي ڪاروبار سميت بازارن کي تڪڙو نه کولڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان پهريان صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ۽ اسان اها به گذارش رکي هئي ته وفاق توڙي صوبائي حڪومتن کي پنهنجي ڊويزنل، ضلعي ۽ تعلقي انتظاميائن کي سختي هدايتون ڏنيون وڃن ته اهي گهربل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ قدم کڻن پر انهن ۾ يقينن ڪوتاهيون ٿيون آهن، گڏوگڏ وفاقي حڪومت پڻ ڪيس گهٽجڻ کانپوءِ هوائي اڏن تي احتياطي اپائن کي فوري طور تي ختم ڪري ڇڏيو ۽ اتان ٽيسٽن ۽ قرنطينا وارو شرط به ختم ڪيو ويو، نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ ۾ اڳ موجود ڪووڊ 19 جي قسم کانپوءِ ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ برطانيا جي وائرس جي پڻ تصديق ڪئي وئي آهي، ظاهر آهي ته اهي وائرس هوا ۾ اڏامي ته هتي نه پهتا هوندا، انهن ئي ملڪن مان ايندڙ ماڻهن ذريعي اهي هتي ٽرانسفر ٿيا هوندا، ان ڪري جتي عوام کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي ايترو ئي حڪومتن لاءِ به ضروري آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان ڏس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي هوائي اڏن تي ساڳيا انتظام بحال ڪيا وڃن، گڏوگڏ اسان سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ اهڙي صورتحال آهي جيڪا عالمي سطح تائين پکڙيل آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ رڳو ڪنهن هڪ ٻن يا پنجن فردن يا حڪومتن جي نه پر مجموعي طور تي سڄي قوم جي ذميواري آهي ان ڪري اسان کي ڪورونا بابت اجتماعي پاليسيون جوڙڻيون پونديون ۽ عوام کي پڻ سختيءَ سان ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اسان وري ڪنهن لاڪ ڊائون ۾ ڦاسي پونداسين. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ڪورونا جي ڪري هڪڙي ڏکئي صورتحال مان گذري رهي آهي. هڪ طرف انساني حياتين جو معاملو آهي ته ٻئي طرف ماڻهن جي روزگار جو مسئلو آهي، انهي وقت ۾ جيڪڏهن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت آمهون سامهون ٿينديون ته صورتحال اڃا وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. تنهن ڪري سنڌ حڪومت جيڪو 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي انهي دوران عام ماڻهو کي ويڪسين لڳائڻ جا اهڙا انتظام ڪري جيئن ٻيهر لاڪ ڊائون ڪرڻ جي ضرورت نه پوي، هي چوٿين لهر آهي ان کان اڳ ٽن لهرن دوران ئي سنڌ حڪومت کي اهي بندوبست ڪرڻ گهرجن ها ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي ويڪسين ٿي سگهي ها ۽ ويڪسين ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي رش نه ڪرڻي پوي ها، انهي سان گڏ وفاقي حڪومت کي به انهي معاملي تي رڳو مخالفت بدران سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪرڻ گهرجي ته جيئن هن خطرناڪ وبائي صورتحال مان صوبي کي بچائي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو