ليکڪ: نور خان بکراڻي/حصو پهريون
ھر سال ھزارين ملڪي توڙي غير ملڪي سياحن جو گرمي جي موسم ۾ خوبصورت ۽ اترين برف باري وارن علائقن طرف قدرت جي حسين نظارن ۽ رنگن کي پروڙڻ لاءِ تفريحي ماڳن جو رخ ڪرڻ ڪنھن عيد جھڙي خوشي کان گھٽ نه آھي، پاڪستان جي گرم ترين ضلعي ڪشمور ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ مھيني جي آمد سان ئي غير معمولي حد تائين گھُٽ ٻوُسٽ ۽ سخت گرمي گروپ جي ساٿين کي اترين ٿڌن علائقن طرف ھلڻ لاءِ ستائڻ لڳو ۽ نيٺ ھر دلعزيز شخصيت ۽ اسان جي جماعت جي امير استاد اعجاز علي کوسو جي سڏ تي ھڪ شارٽ گڏجاڻي ماشاءَ الله ھوٽل تنگواڻي ۾ رکي وئي، جنهن ۾ مون سميت 5 ھم خيال دوست عبدالعزيز بکراڻي، اميربخش نوناري، فياض حسين ڏاھاڻي ۽ ظفر علي بنگلاڻي شرڪت ڪري گھڻي مُشاورت کانپوءِ هلندڙسال پاڪستان جي خوبصورت علائقي سوات وادي گھمڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو، قدرت جي حسين نظارن ۽ خوبصورت تفريحي ماڳن، گھاٽن ٻيلن، بلند صَنوبَر وڻن، جبلن مان نڪرندڙ ٿڌي پاڻيءَ جا خوبصورت چشما، ميويدار وڻن ۽ تيز درياهي وهڪرن جي ڪري ھن وادي کي ڌرتيءَ جي گولي تي جيڪڏهن جنت چيو وڃي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. 25 جولاءِ 2021ع تي روھڙي ريلوي اسٽيشن تان ٽرين رات جو پوري اٺين وڳي 6 دوستن جي گروپ سان گڏ خيبر پختونخواهه جي گاديءَ واري شهر پشاور طرف سفر جي شروعات ڪئي سين. سفر تمام ڊگھو ھو، پر ريل جي رستي سفر وڌيڪ دلچسپ، پُرسڪون ھوندو آھي، جڏھن اوھان سان گڏ سفر ڪندڙ سڀئي دوست نھايت مھربان، ھم خيال، ھمدرد ۽ خوش طبع ھجن. ريل ذريعي 21 ڪلاڪن جو ڊگهو سفر ڪرڻ کانپوءِ پشاور سٽي ريلوي اسٽيشن تي لٿاسين. ٿڪاوٽ ۽ ڊگھي سفر جي ڪري ھڪ رات گُلن جي شھر پشاور ۾ ترسي پياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو ناشتو ڪري پنھنجي طئي ٿيل شيڊول مطابق سفر کي جاري رکڻ لاءِ سامان پيڪ ڪري ڊائيوو ايڪسپريس ڪوچ جي نهايت پرسڪون سروس وسيلي موٽروي سان سوات مينگورا طرف نڪري آياسين، رستي تي قدرت جي رنگ برنگي نظارن ۽ خوبصورت ماحول دل کي تندرست ۽ توانو ڪري ڇڏيو، دوستن سان سفر ۽ تفريحي جاين جي متعلق ڳالهيون ۽ ڪچهريون ڪندي اڍائي ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ نيٺ اچي سوات مينگورا شھر ۾ لٿاسين. رستي تي سفر دؤران جابلو سرنگ، ميويدار وڻ ۽ ٻيا مختلف من موهيندڙ منظر ڏسي دل کي خوشي، فرحت ۽ تسڪين ملندي رھي، جيئن ته اسان جي ٽوئر پلان ۾ واديءَ سوات جي تفريحي ماڳن جو سير ۽ تفريح ڪرڻ شامل ھو، ان لاءِ پھريان ته سوات شھر ۾ پھچڻ کان پوءِ ھڪ سٺي ۽ عاليشان ريسٽورينٽ ۾ وڃي ڪمرو بڪ ڪرائي سامان اتي رکي مانجھاندو ڪيوسين. (مينگورا يا سوات ھڪ ئي شھر جو نالو آهي) ھتان کان آخري منزل مھو ڍنڍ تائين مختلف ننڍن وڏن شھرن جھڙوڪ خوازہ خيلا، نوا ڪلي، فتح پور، مياندم، مدين، بحرين، منڪيال، لئي ڪوٽ، ڪالام، اوشو مان گذرڻو پوي ٿو، ھتي پھچڻ کانپوءِ پھريائين ته سوات شھر جي ڀرپاسي ۾ موجود خوبصورت ۽ من موهيندڙ سياحتي جاين جي گھمڻ لاءِ پنھنجي ٽيڪسي ڪار ڪرائي سڌو سيدو شريف گھمڻ لاءِ نڪتاسين. رستي تي درياهه سوات جي تيز وهڪرن ۽ لھرن جو نظارو ۽ مزو وٺڻ لاءِ ڪجھه گھڙيون ترسڻ کانپوءِ اڳتي پنھنجي منزل طرف روانا ٿياسين، سيدو شريف جي دلفريب نظارن ۽ وڻندڙ موسم دل کي موهي وڌو، دوستن سيدو شريف جي خوبصورت نظارن مان ڏاڍو مزو ورتو ۽ پنھنجون تصويرون ڪڍرايون، سيدو شريف وڃجي ۽ ڪجھه مفاصلي تي مرغزار ۽ وائيٽ پئلس نه گھمجي ته اوھان جو ٽوئر نامڪمل ۽ بي مزا رھجي ويندو، خوبصورت پھاڙن جي ڪڇ سان ور وڪڙ روڊ ۽ ھر طرف گل گلزاري جو مزو وٺندي تفريحي ماڳ مرغزار پھتاسين، اتي پھچڻ بعد جبلن مان نڪرندڙ پاڻي جا قدرتي آبشار، وائيٽ پئلس ۽ جھولا ڏسي دل باغ بھار ٿي وئي، وائيٽ پئلس بابت معلومات وٺڻ سان خبر پئي ته اها اونهاري جي موسم لاءِ سوات جي والي ميان گُل جھانزيب خان جي رھائشگاهه ھوندي ھئي، جيڪا 1940ع ۾ تعمير ڪرائي وئي.