ايڊيٽوريل
افغانستان ۾ 20 سالن تائين آمريڪي فوج جي رهڻ بعد واپسي کانپوءِ بگڙيل حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن، طالبان ويڙهاڪ آمريڪي فوج جي واپسي کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏيندي تيزي سان شهرن، گادي وارن هنڌن تي قبضو ڪندا حڪومتي ملڪيتن ۽ وزيرن توڙي عملدارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، ٽن ڏينهن جي ويڙهه کانپوءِ طالبان افغانستان جي صوبي قندوز جي گادي واري هنڌ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، جنهن کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر طالبان جي ڪنٽرول هيٺ آيل اهم صوبائي گادي وارن هنڌن جو انگ 3 ٿي ويو آهي، طالبان قندوز ۾ پوليس هيڊڪوارٽر، گورنر جي ڪمپائونڊ ۽ شهر جي جيل تي قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته فوجي اڏي ۽ ايئرپورٽ تي ڪنٽرول اڃا تائين افغان سيڪيورٽي فورسز وٽ آهي، جنهن تي پڻ ويڙهه جاري آهي.ويڙهه ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا مارجي ويا، ان کان اڳ طالبان ڇتي ويڙهه بعد صوبي ۾ نمروز ۽ جوزجان جي گادي وارن هنڌن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، 5 سال اڳ پڻ طالبان قندوز جي گادي واري هنڌ جو ڪنٽرول سنڀاليو هو پر جلد ئي اتان جي فوج قبضو ڇڏائي ورتو، ان کانسواءِ لشڪرگاهه، هرات ۽ ٻين علائقن ۾ طالبان ۽ سيڪيورتي فورسز وچ ۾ ڇتي ويڙهه جاري آهي، طالبان طرفان تيزي سان شهرن تي قبضي ۽ حڪومتي ماڻهن کي نشانو بڻائڻ توڙي عام شهرين جي قتل عام کانپوءِ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي. آمريڪا طالبان جي اڳرائي کي روڪڻ لاءِ ٻيهر افغانستان ۾ ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، آمريڪي جنگي جهازن قطر مان اچي افغانستان طالبان جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي، رپورٽ موجب آمريڪي صدر جي حڪم تي 12 جنگي جهاز افغانستان موڪليا ويا، جن هلمند، هرات ۽ قنڌار ۾ طالبان جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، طالبان ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ هلندڙ ويڙهه سبب افغانستان ۾ عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، ويڙهه وارن علائقن مان ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ محفوظ پناهه گاهن طرف منتقلي تيز ٿي وئي آهي، مختلف هنڌن تي افغان فورسز جي اهلڪارن هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ فراريت اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته طالبان قيادت ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڳالهيون پڻ ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويون آهن، جيڪا پڻ ڳڻتي جي ڳالهه آهي، آمريڪا طرفان ٻيهر افغانستان ۾ فوجي ڪارروايون پڻ ويڙهه جي شدت کي ظاهر ڪري رهيون آهن، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ ڏينهن ۾ افغانستان ۾ هلندڙ ويڙهه ۾ وڌيڪ تيزي ايندي، جنهن سان افغانستان وڌيڪ متاثر ۽ تباهه ٿيندو، پاڪستان سميت عالمي طاقتن طرفان ڳالهين ذريعي افغانستان مسئلي جو پرامن سياسي حل تلاش ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششون پن جاري آهن پر انهن ۾ اڃا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جو خيال آهي ته افغانستان مسئلي جو پرامن سياسي حل ڪڍيو وڃي ۽ عوام طرفان چونڊيل ماڻهو حڪومت جوڙي افغانستان جي ترقي ۽ تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آمريڪا ۽ گڏيل قومن سميت عالمي برادري افغانستان ۾ حقيقي طور عوامي راءِ ۽ پرامن سياسي سيٽ اپ جي قيام لاءِ اڳتي وڌي اثرائتيون ڪوششون وٺن ۽ ويڙهه ڪنهن به صورت ۾ افغان عوام جي حق ۾ نه آهي.