182

وزيراعظم جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي: فرخ حبيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، پوري پاڪستاني قوم ماحولياتي تبديلي جي خراب اثرن کان بچڻ لاءِ وڻ پوکي پنهنجي قومي ذميداري پوري ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم سگيان ۾ مياواڪي وڻ پوکڻ جي مهم جو آغاز ڪندو. وڏي وزير سان ملاقات سميت گورنر هائوس پنجاب ۾ وزيراعظم کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان آب پاڪ اٿارٽي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم کي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز بابت بريفنگ ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو