181

افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ بم ڌماڪو، 1 شهري فوت،2 سڪيورٽي اهلڪار زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جي اولهه ضلعي بگرامي ۾ حڪومتي عهديدار جي گاڏي تي بم حملي جي نتيجي ۾ هڪ شهري فوت ۽ ٻه سڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا، ميڊيا رپورٽن موجب ڪابل پوليس جي ترجمان ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو ته سومر تي صبح جوٿيل بم ڌماڪي ۾ حڪومتي عملدارن کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري فوت ۽ 2 سڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا،واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته گاڏي ۾ سوار حڪومتي عهديدارن جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي، هن وقت تائين ڪنهن به گروپ ڌماڪي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو