139

ريلوي جي وفاقي وزير اعظم خان سواتي جي ڪوئٽه بم ڌماڪي جي شديد مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي جي وفاقي وزير اعظم خان سواتي ڪوئٽه بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير ڌماڪي ۾ ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿي ويلن جي مغفرت، زخمي جي جلد صحت يابي ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در گهري ۽ چيو ته ڏکويل ڪٽنبن جي ڏک ۾ شريڪ آهيون،هن چيو ته رياست مخالف قوتون بلوچستان جي امن،ترقي ۽ خوشحالي جي عمل کي متاثر ڪرڻ چاهن ٿيون،دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن،هن چيو ته عوام ۾ خوف حراس ڦهلائڻ واري شرپسندن جي سازش ڪامياب نه ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو