اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي عالمي وبا بعد معاشي بحالي سان گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ اضافو ٿيو آهي. عالمي توانائي ايجنسي (آئي اي اي) جي سربراه فتح بيرول چيو آهي ته عالمي موسمياتي هدف تائين پهچڻ لاءِ اخراج جي منصوبن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي وبا سان بحالي جي حوالي سان هيل تائين جي اعلان ٿيل منصوبن تي بروقت ۽ مڪمل عمل درآمد جي نتيجي ۾ سال 2023ع ۾ گرين گائوس گيسن جي اخراج ۾ نمايان حد تائين وڌڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته سال 2021ع جي ٻئي ٽه ماهي دوران سڄي دنيا جي مختلف حڪومتن طرفان چيو ويو آهي ته شفاق توانائي جي مختلف منصوبن تي 380 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي.
134