اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)حڪومت پاڪستان سي پيڪ تحت زراعت شعبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ترجيحي بينادن تي قدم کڻي رهي آهي . آبادگارن جي زندگي کي بهتر بڻائن ۽ قومي معيشت ۾ ان جي هاڪاري اثرن کي وڌائڻ لاءِ خاص ڌيان ڏئي رهي آهي . ڇو ته زراعت قومي معيشت تي اثر انداز ٿيندڙ سڀ کان وڏو شعبو آهي .سي پيڪ اٿارٽي اختيارين موجب زراعت ۾ پيداوري صلاحيت کي وڌائڻ لاءِٽيڪنڪي ترقي گهڻي ضروري آهي . چين سي پيڪ جي ٻين مرحلي تحت زراعت جي شعبي ۾ ٽيڪنالوجي جي منتقلي تي اتفاق ڪيو آهي .سي پيڪ تحت ٻه طرفه زرعي سهڪار سان ڪپهه جي پيداوار سان متعلق معاملن کي حل ڪيو ويندو ۽ پاڪستان ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو .
