197

برڪينيا فاسو جي اتر صوبي سورو ۾ هٿيار بندن جي حملي ۾ 12 فوجي اهڪار مارجي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برڪينيا فاسو جي اتر صوبي سورو ۾ هٿيار بند جي حملي ۾ 12 فوجي اهڪار مارجي ويا آهن. رپورٽ موجب برڪينا فاسو جي سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته اهو واقعو مالي جي سرحد ويجهو ٽوئنٽي ڪومني ۾ پيش آيو ، جنهن دوران 7 سيڪيورٽي  اهلڪار گم به ٿي ويا آهن . فوج طرفان فوري طورتي ان حوالي سان ڪو بيان سامهون ناهي آيو . برڪينافاسو جي اتر حصي ۾ سال 2016 ع کان دهشت گرد تنظيم القاعده ۽ داعش سان لاڳاپيل گروپ سرگرم آهن پر ان حملي  جي ذميواري اڃان تائين ڪنهن گروپ قبولي ناهي .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو