سکر (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي پاران ڪراچيءَ کانپوءِ سکر ۽ ٻين علائقن ۾ ھنڊي ۽ حوالا ڪاروبار خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. انھيءَ فيصلي بابت ايف آءِ اي سکر ريجن جي عملدارن کي سکر ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ دوران آگاھي ڏني وئي. ڄاڻايل گڏجاڻي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سنڌ زون ٽو محمد يونس چانڊيو جي صدارت ۾ ٿي. ٻڌايو ويو آھي ته محمد يونس چانڊيو سکر پھچي اداري جي آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي. تفصيلن مطابق فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جي ڊائريڪٽر سنڌ زون ٽو محمد يونس چانڊيو سکر ۾ واقع ايف آءِ اي آفيس جو دورو ڪيو ۽ بعد ۾ جاچ آفيسرن ۽ ٻئي عملي سان گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻيءَ دوران ڊائريڪٽر پاران ھدايت ڪئي وئي ته مني لانڊرنگ، حوالا ھنڊي سميت ٻين غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان موقعي تي محمد ينوس چانڊيو چيو ته مني لانڊرنگ، حوالا ھنڊيءَ جو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن جو گھيرو تنگ ڪيو ويو آھي ۽ سکر ريجن ۾ غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن کي قانون جي جڪڙ ۾ آندو ويندو. محمد يونس چانڊيو عملي کي چيو ته ھنڊيءَ ۽ ٻين غيرقانوني ڪمن جي روڪٿام جي سلسلي ۾ ڪنھن به قسم جي ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي. جاچ آفيسر پنھنجو ڪم ايمانداري ۽ سچائي سان سرانجام ڏين. جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڏوھ ڪندڙن خلاف جاچ جو دائرو وڌايو وڃي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سنڌ زون ٽو سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽرز، جاچ آفيسرن ۾ ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ ڊوائيسز پڻ ورھايون. محمد يونس چانڊيو چيو تہ ليپ ٽاپ ۽ ٻين اليڪٽرانڪ ڊواييسز وسيلي جديد طريقي سان جاچ ڪرڻ ۽ رڪارڊ محفوظ ڪرڻ ۾ جاچ آفيسرن کي آساني ٿيندي. گڏجاڻيءَ دوران ڊائريڪٽر ايف آءِ اي پاران اداري ۾ ٿيندڙ ڀرتين متعلق فزيڪل ٽيسٽ ۽ ٻين انتظامن متعلق لاڳاپيل آفيسرن کان بريفنگ ورتي ۽ فزيڪل ٽيسٽ واري ھنڌ جو پڻ ھن معائنو ڪيو.
