128

اسان افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون : وفاقي حڪومت

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وفاقي حڪومت چيو آهي ته اسان افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون، ڀارت ۽ اسرائيل جي سازشن کي ناڪام ڪنداسين. ان سلسلي ۾  گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪي سلامتي خلاف ڀارت، اسرائيل ۽ اين ڊي ايس جي سازشن کي ناڪام ڪنداسين، ڀارت ۽ اسرائيل اسان جي امن سان کيڏڻ چاهين ٿا، داسو واقعي جي گهرو وزارت جانچ مڪمل ڪري ورتي آهي. گهرو وزارت کي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ جو اختيار ملي ويو آهي، هاڻي هٿيارن جا لائسنس گهرو وزارت جو سيڪريٽري جاري ڪري سگهندو. وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته سي پيڪ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نٿي ڪري سگهجي، اها ملڪ جي بدنصيبي آهي جو اپوزيشن کي سمجهه ۾ نه اچي رهي آهي ته ايندڙ 6 مهينن ۾ ان خطي جي ڇا صورتحال ٿيڻ واري آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي لازوال آهي، چيني سفير کان هڪ هفتي ۾ ٻه تفصيلي ملاقاتون ٿيون آهن. سي پيڪ جي رستي ۾ ڪابه رڪاوٽ برداشت نه ڪنداسين. سي پيڪ لاءِ پوري قوم هڪ زبان آهي جهڙيءَ طرح سڄي قوم ڪشمير جي جدوجهد جي آزاديءَ سان گڏ بيٺل آهي اهڙيءَ طرح سان سي پيڪ سان گڏ بيٺل آهي. جيڪي ماڻهو ان ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن انهن کي ناڪامي پلئه پوندي. هن محرم الحرام جي حوالي سان چيو آهي ته قوم کي چئون ٿا ته هو پنهنجو عقيدو نه ڇڏي ۽ ٻين جي عقيدي سان هٿ چراند نه ڪري. داسو واقعي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان جي جاچ گهرو وزارت وٽ آهي ۽ ادارن اها جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي پر ان جو اعلان پرڏيهي وزير ڪندو، افغان سفير جي ڌيءَ سان ٿيل واقعي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان وفد گذريل ڏينهن هتان واپس ويو آهي، اسان کين مختلف علائقن جو دؤرو ڪرايو، انهن کي سمورو رڪارڊ ۽ فوٽيج پڻ ڏيکاريا، اسان کين چيو ته سفير جي ڌيءَ کي هيڏانهن موڪليو وڃي ۽ جرمن موبائل فرانزڪ جي لاءِ جيڪو به چاهيو اهو فراهم ڪيو وڃي. نواز شريف جي پاسپورٽ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاسپورٽ جو مُدو فيبروريءَ ۾ ختم ٿي چڪو آهي ان وٽ ٻه ئي رستا آهن ته هو يا ته اپيل ڪري يا سياسي پناهه وٺي منهنجي خيال ۾ هو سياسي پناهه نه وٺندو. ٻي پاسي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيوز بريفنگ  ۾ چيو ته اسان افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون. اسين افغان امن عمل ۾ اهم اسٽيڪ هولڊر آهيون، پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن جو خواهشمند آهي، دوحا ۾ ٿيندڙ امن معاملي ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي، 6 آگسٽ تي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ افغانستان بابت بريفنگ ٿي پر ان ۾ پاڪستان کي شرڪت جو موقعو نه ڏنو ويو. هن چيو ته ڀارت ان مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي صدارت جي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو، افغانستان بابت بريفنگ لاءِ ڀارت سان سيڪيورٽي ڪائونسل صدر طور رابطو ڪيو پر هاڪاري ردعمل نه ڏنو ويو، ڀارت اسان جي درخواست کي قبول نه ڪيو، ڀارت جو سلامتي ڪائونسل صدر طور اهڙيو رويو نٿو سونهي.  افغانستان ۾ اسان جو مقصد آمريڪا ۽ عالمي برادري جهڙو آهي، پاڪستان، آمريڪا ۽ عالمي برادري ان معاملي تي هڪ پيج تي آهن، اهي جيڪو چاهين ٿا، اسان به اهو ئي ٿا چاهيون، افغانستان جي سياسي حل جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، افغان مسئلي تي وزيراعظم جي موقف جي دنيا آجيان ڪئي، اسان جو ڪردار مدد جو آهي ضامن جو نه، امن قائم ٿيڻ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون. شاهه محمود قريشي چيو ته هڪٻئي تي الزامن بدران امن لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، سلامتي ڪائونسل اجلاس ۾ افغان نمائندي پاڪستان خلاف بي بنياد الزام هنيا، اسان انهن الزامن کي رد ڪيون ٿا، اسان افغان فورسز جي ناڪامين جا ذميوار نه آهيون، جڏهن توهان افغانستان مان نڪري رهيا آهيو ته اتي خال نه ڇڏيو، ان خال جو سڌي ريت فائدو دهشتگرد تنظيمون کڻنديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو