137

سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه ڪيس ۾ پراسيڪيوشن تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا، لڳي ٿو ته وڏين مڇين کي بچايو پيو وڃي: عدالت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه فيڪٽري ڪيس ۾ پراسيڪيوشن تي ڪيترائي سوال اٿاريندي چيو آهي ته  لڳي ٿو ته وڏين مڇين کي بچايو پيو وڃي. سومر ڏينهن  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس ارشاد علي شاهه تي ٻڌل بلديه فيڪٽري کي باهه ڏيڻ  واري ڪيس بابت ڏوهاري زاهد عرف چريا، عبدالرحمان عرف ڀولا ۽ ٻين جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي. عدالت پراسيڪيوشن تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا. جسٽس ڪي ڪي آغا  رينجرز پراسيڪيوٽر رانا خالد کان پڇاڻي دوران  چيو ته ڇا هن ڪيس ۾ ڪو بري به ٿيو آهي؟ رانا خالد موقف پيش ڪيو ته اڳوڻو وزير وفاقي رئوف صديقي هن ڪيس ۾ بري ٿيو. جسٽس ڪريم خان آغا پڇاڻو ڪيو ته اوهان بريت جي خلاف اپيل داخل ڪئي؟ رانا خالد موقف ۾ جواب ڏنو ته رينجرز پراسيڪيشن ڪابه اپيل داخل نه ڪئي آهي. عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته ننڍن ڪيسن ۾ اپيلون داخل ڪيون وڃن ٿيون ته هن ڪيس ۾ ڇو نه داخل ڪئي وئي؟ نظر اچي رهيو آهي ته وڏين مڇين کي بچايو پيو وڃي؟ اوهان جي خلاف ته  ايڪشن کڻڻ گهرجي. وڃو ۽ وڌيڪ ڄاڻ گڏ ڪريو، ڇو نه اوهان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت رينجرز پراسيڪويشن کان 3 مهينن ۾ جواب طلب ڪري ورتو. جونيئر وڪيل موقف ڏنو ته وارثن طرفان بيرسٽر فيصل صديقي پيش ٿيڻ چاهي ٿو. مصروفيت سبب هو عدالت نه اچي سگهيو. جنهن تي عدالت فيصل صديقي جي حاضر نه ٿيڻ تي وارثن جي ڌر ٿيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن فيصل صديقي رياست جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪري سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو