192

لاهور ۾وڏو ٻيلو تيار ڪيو ويو،ايندڙ نسلن لاءِ بهترين ملڪ ڇڏي وينداسين:وزيراعظم عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ميانوا جي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته لاهور جي 53 مختلف هنڌن تي ٻيلو تيار ڪيو ويو آهي، 100 ڪئنال ايراضي تي ٻيلو پوکيو ويو آهي،مختلف قسمن جا تيزي سان وڌندڙ ٻوٽا لڳايا ويا آهن، ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته لاهور ۾وڏو ٻيلو تيار ڪيو ويو آهي، ايندڙ نسلن لاءِ بهترين ملڪ ڇڏي وينداسين، 10 بلين ٽري سونامي تحت مانوا جو ٻيلو پوکڻ تي سڀني کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو