157

ميرپورخاص ۾ وحشي پيءُ ڌيءِ جي لُڄ لٽي ڇڏي، ناري وڊيو کڻي احتجاج، ڪيس داخل، گرفتار

 ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص جي علائقي ستار ڪاٽن فيڪٽري لڳ جي رهواسڻ 30 ورهين جي ٽن ٻارن جي ماءُ صوبيا ڌي عبدالرشيد ميئو پنهنجي سڳي پيءُ پاران کيس ڏاڍائي جو نشانو بنائڻ جي ويڊيو سميت ميرپورخاص پريس ڪلب ۽ وومين ٿاڻي تي پهچي دانهيو ته سندس وحشي صفت سڳو پيءِ عبدالرشيد ميئو کيس گذريل ڏيڍ مهيني کان وٺي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي ٿو، انڪار ڪرڻ تي تشدد جو نشانو بڻائي ۽ نشو پياري ڏاڍائي ڪندو رهي ٿو، هن چيو ته سندس لالچي پيءُ کيس 10سال اڳ 5 لک روپين جي عيوض ننگرپارڪر جي رهواسي احمد سان سندس شادي ڪرائي، جنهن مان کيس 2 ڌيئرون ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي، شادي بعد منهنجي مڙس جا ڀائر به مون سان ڏاڍائي ڪندا هئا ۽ چوندا هئا توکي اسان انهي ڪم لاءِ خريد ڪيو آهي، جتان ڏيڍ مهينون اڳ آءُ وجهھ وٺي پنهنجي والد جي گھر آيس ته هت به منهنجي پيءُ مون سان ڏاڍائي ڪئي ۽ منهنجي امڙ پاران روڪڻ تي منهنجي امڙ شهناز کي پڻ سخت تشدد جو نشانو بڻايو، سندس ظلمن مان جان ڇڏائڻ لاءِ پيءُ پاران کيس ڏاڍائي جو نشانو بنائڻ واري ويڊيو ٺاهي ته جيئن آءُ پيءُ تي لڳندڙ الزامن کي سچ ثابت ڪري سگھان، ڇاڪاڻ ته سڳي پيءُ پاران ڌي کي ڏاڍائي جو الزام لڳائڻ تي ڪوبه منهنجن الزامن تي يقين نه ڪري ها، انهي ڪري اهڙي ويڊيو ٺاهي جيڪا پريس ۽ پوليس کي فراهم ڪئي آهي، سڳي ڌي کي وحشي صفت سڳي پيءُ پاران ڏاڍائي جو شڪار بڻيل عورت جو وومين ٿاڻي ۽ ميرپورخاص پريس ڪلب پهچڻ جي اطلاع تي ايس ايس پي ميرپورخاص نوٽيس وٺندي عورت کي فوري طور انصاف جي فراهمي لاءِ ڪيس داخل ڪري وحشي صفت پيءُ کي گرفتار جون هدايتون ڏنيون، جنهن بعد عورت جي فرياد تي وومين ٿاڻي تي ڏاڍائي جو شڪار بڻيل عورت صوبيا جي وحشي صفت پيءُ عبدالرشيد ميئو خلاف قلم 376 تحت ڪيس داخل ڪري عورت کي ميڊيڪل چڪاس لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص نيو ويو، جتي ذريعن موجب ابتدائي چڪاس ۾ عورت سان ڏاڍائي ٿيڻ جي تصديق ڪئي ويئي آهي، ذريعن موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل لغاري سٽي ۽ سٽلائٽ ٽائون پوليس اٽالن سان گڏ ستاري ڪاٽن فيڪٽري لڳ ڇاپو هڻي سڳي ڌي سان ڏاڍائي ڪرڻ ۾ ملوث وحشي صفت پيءُ کي گرفتار ڪري کيس  پڇا ڳاڇا لاءِ نامعلوم هند منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل لغاري ٻڌايو ته سڳي پيءُ جي وحشت جو شڪار بڻيل عورت جي فرياد تي سندس پيءُ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ عورت جو طبي چڪاس ڪرايو ويو آهي، جنهن جي مڪمل رپورٽ اچڻ ۽ الزام هيٺ آيل سڳيءُ پيءُ جي گرفتاري بعد سندس ڊي اين اي جو ٽيسٽ ڪرائڻ بعد اصل حقيقت سامهون ايندي وڌيڪ جانچ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو