ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اطلاعات کاتي سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ادارن کي سنڌ خلاف سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. سومر ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي پاليسي بيان ڏيندي سعيد غني وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ادارن جي اجلاس کان پوءِ ناصر حسين شاهه، شهلارضا، قادر پٽيل، شاهده رحماني، نفيسه شاهه ۽ مون کي نوٽيس موڪلڻ بابت ميڊيا ذريعي خبر پئي، پر ڪنهن کي به ليٽر نه موڪليو ويو آهي، رڳو نفيسه شاهه آگاهه ڪيو ته کيس واٽس ايپ تي نوٽيس موڪليو ويو آهي، هن چيو ته پارٽي مان نيڪالي ڏنل هڪ اڳوڻي عهديدار جي چيف جسٽس بابت ڏنل بيان کي بنياد ڪري ايف آءِ اي ۽ ٻين وفاقي ادارن وسيلي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻن کي سياسي انتقام جو نشانو ڪيو پيو وڃي، پ پ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي 13 آگسٽ تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس موڪليو ويو آهي پر آئون پيش نه ٿيندس.ٻي پاسي پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته نااھل پي ٽي آءِ حڪومت پاران ايف آئي اي ذريعي پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي تنگ ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. شازيه مري چيو ته ايف آئي اي پاران پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي اماڻيل نوٽيس کين تنگ ڪرڻ جي ناڪام حڪمت عملي آهن. شازيه مري چيو ته نيازي حڪومت پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ (پيڪٽا) کي مخالف ڌر جي ميمبرن خلاف استعمال ڪرڻ معمول ٿي ويو آهي.
