لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندڙ فردوس عاشق اعواڻ کي پنجاب اسيمبلي وڃڻ کان روڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيالڪوٽ جي ضمني چونڊن ۾ڪامياب احسن سليم بريار جي حلف برداري تقريب ۾آئي هئي، جتي سيڪيورٽي اهلڪارن کيس گيٽ تي روڪي ڇڏيو هو، جڏهن ته بحث ڪرڻ باوجود کيس نه ڇڏيو ويو، سيڪيورٽي اهلڪارن کيس ٻڌايو ته اوهان جو نالو مهمانن جي لسٽ ۾ناهي، توهان اسيمبلي ۾نٿا وڃي سگهو، ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق چيو ته منهنجو نالو مهمانن جي لسٽ ۾ هو، خبر ناهي ڪنهن ڪٽرايو آهي. ٻئي طرف فردوس عاشق اعواڻ اسيمبلي ۾نه ڇڏڻ تي وزيراعظم عمران خان، پنجاب جي وڏي وزير ۽ گورنر کي دانهن ڏني آهي. هن چيو ته انهن پڻ ان تي حيرانگي جو اظهار ڪيو آهي.
