لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي موجودگي ۾ قتل ڪيل مبشر کوکر قتل ڪيس ۾ جاچ پوليس جو بيان سامهون آيو آهي، پوليس موجب جوابدار جو ڪو به چاچو قتل ناهي ٿيو، ڳوٺ مانوال ۾ مقتول مبشر ۽ جوابدار جي گهر ڪجهه قدمن جي مفاصلي تي آهي، جڏهن ته مبشر جي قتل کانپوءِ جوابدار جا گهرڀاتي گهر کي تالو هڻي گم ٿي ويا، جوابدار پنهنجي مقتول ڀاءُ اسلم جي شاهد منشا جي ڦرڻ تي قتل ڪيو هو.
