ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾فائرنگ، 3 ڪسٽم اهلڪار مارجي ويا. رپورٽ موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾درابن روڊ ڪلاچي مور وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب ڪسٽم اهلڪار تاج بصير، فاروق خان ۽ فاروق جان قتل ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا، علائقي ۾سرچ آپريشن ڪيو ويو آهي.
