لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته نواز شريف کي آپشن ڏيندڙن جا پنهنجا آپشن ختم ٿي چڪا آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته جوبائيڊن کي هڪ فون ڪال جي اپيل ڪندڙن جي نواز شريف کي مشوري جي ضرورت ناهي، هن چيو ته شيخ رشيد هڪ مشورو پنهنجي اڳوڻي باس پرويز مشرف کي به ڏئي،جيڪو ڀڄي ويو آهي، سياسي پناهه وٺندڙ پنهنجو فڪر ڪن،ٻين کي مشورا ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
