114

هاڻي وسيلن جي نه پر مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي:مرتصيٰ وهاب

 ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي  ايڊمنسٽريٽر ۽  سنڌ حڪومت جي ترجمان صلاحڪار قانون بيرسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته علماء ڪرام اسان لاءِ مشعل راهه آهن، هاڻي وسيلن جي نه پر مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي. اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، صرف محرم الحرام يا ربيع اول جي لاءِ ئي نه پر اهڙا ڪم ڪيا ويندا جيڪي پورو سال هلن، ايندڙ 10 ڏينهن ڪراچي ۾ محرم الحرام جي جلوسن جي رستن ۽ مجلسن جي ماڳن تي پاڻ وڃي مسئلا ڏسندس ۽ انهن کي حل ڪرايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه بلديه عظميٰ ڪراچي جي صدر آفيس ۾ محرم الحرام جي انتظامن جي حوالي سان   اجلاس کي  خطاب ڪندي ڪيو . اجلاس جي دوران مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ محرم الحرام جي جلوسن جي، جي انتظاميا ايڊمسنٽريٽر ڪراچي کي پنهنجي علائقن جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ مولانا اڪبر درس، مفتي جميل راٺور، محمد خالق نور، بلال قادري، يونس جعفري، شبر رضا، محمد فريد قادري، سيد سهيل رضا، سردار حسين، ڊاڪٽر شاهه فيروزالدين رحماني، غنضنفر حسين، عمر خان قادري، شهزاد علي رضوي، عمر صابر، بدر علي، مفتي عابد مبارڪ، علي حسين نقوي، مولانا يعقوب عطاري، سيد رفيع شاهه، مسرور هاشمي، عمران احمد سلفي ۽ ٻيا شامل هئا گهڻو ڪري مسئلن جو تعلق صفائي سٿرائي، گندي پاڻي جي نيڪال، رستن جي خراب حالت، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ اسٽريٽ لائيٽن جي خرابي سان هو. عالمن سڳورن شهر جي مختلف ضلعن ۾ جلسن جي رستن کي بهتر بنائڻ، رستن جي استرڪاري ۽ اسٽريٽ لائيٽن کي جلد کان جلد صحيح ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته محرم الحرام جي دوران هر فرقي جا ماڻهو پنهنجي عقيدت جو احترام ڪندا سمورين سازشن جي باوجود ماضيءَ ۾ انتظاميا انهن عالم سڳورن سان ويهي ڪري مسئلا حل ڪيا آهن مون سان ڪراچي جي پوري انتظاميا موجود آهي اسان جو بنيادي مقصد اهو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي جيڪو اتحاد محرم الحرام ۽ ريبع اول ۾ نظر ايندو آهي اهو پورا 12 مهينا نظر اچڻ گهرجي. بلدياتي ادارا شهري انتظاميا ۽ پوليس جو کاتو گڏجي ڪم ڪندا  ۽ جلسوسن جي رستن تي هر ممڪن بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون واٽر بورڊ سان گڏ ويهي سيوريج جا معاملا حل ڪنداسين جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ سان به رابطي ۾ رهنداسون. رستن جي مرمت فوري هئڻ گهرجي ان لاءِ سڀ پنهنجون ذميواريون نڀائين. هن ان موقعي تي چيو ته سمورا ڊپٽي ڪمشنر، ميونسپل ڪمشنر، ڊي آئي جيز پيش ڪيل مسئلن کي نوٽ ڪن ته جيئن اسان محرم الحرام جسلن جي رستن کي گذرڻ جي قابل بڻايون ۽ سيڪيورٽي جا بهتر انتظام ڪري سگهون ڪي ايم سي پنهنجو ڪنٽرول روم نمبر 1339 بڻايو آهي اهو 10 محرم تائين مسلسل ڪم ڪندو. ايڊمسنٽريٽر ڪراچي چيو ته محرم الحرام جي انتظامن جي حوالي سان سمورن عالم سڳورن ۽ مجلسن ۽ جلوسن جي انتظاميا سان رابطو ۾ رهندس ۽ منهنجي آفيس اوهان جي مدد لاءِ حاضر آهي. اسان گڏجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ان اميد سان ته ايندڙ وقت بلديه سهولتن ۽ مذهبي هم آهنگي جي حوالي سان بهتر هوندو. هن عالم سڳورن کي يقين ڏياريو ته جيڪي مسئلا هتي پيش ڪيا ويا آهن ان تي فوري ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ بهتر انتظامن لاءِ لاڳاپيل ضلعي انتظاميا ۽ باقي شهري ادارن جي سهڪار سان ڪم ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو