ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه پاران کاتي جي آفيس ۾ صفائي نه هجڻ تي عملي تي ڪاوڙ جو اظهار، صوبائي وزير ڪچرو پاڻ کڻي اڇلايو، ڪاليجن جي بجيٽ شاگردن جي داخلا ۽ حاضري سان مشروط ڪرڻ جوا علان،سردار شاهه چيو آهي ته ميٽرڪ کانپوءِ ڊراپ آئوٽ ريشو گهٽائڻ لاءِ سمورا پرنسپال اينرولمينٽ ڊرائيو شروع ڪن، بجيٽ ۾ به اضافو ٿيندو. تعليم کاتي جي وزارت سنڀالڻ جي ٻئي ڏينھن تعليم واري وزير سيد سردار علي شاھ ڪالهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي آفيسن جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اسٽاف ۽ آفيسرن جي حاضري چيڪ ڪئي. سيد سردار علي شاھھ عملي ۽ آفيسرن کي ماسڪ پائڻ ۽ سينيٽائيزر جي استعمال بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن خالد حيدر شاھ پڻ ساڻس گڏ ھو. تعليم واري وزير سيد سردار شاھھ تعليم کاتي جي آفيسن ۾ صفائي سٿرائي نه ھئڻ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. ھن آءِ ٽي سيڪشن واري آفيس ۾ فرش تي پکڙيل ڦاٽل ڪاغذ ۽ ٻيو ڪچرو ڏسي عملي کي چيو ته اوھان تعليم کاتي جا آفيسر آھيو ۽ اوھان جي تعليم جو اندازو ھتان ھن ڪچري کي ڏسي لڳائي سگھجي ٿو. سيد سردار علي شاھ اھو ڪچرو پاڻ کڻي ڊسٽ بن ۾ وڌو ۽ عملي کي ھدايت ڪئي ته اوھان ايجوڪيشن آفيس ۾ ويٺا آھيو گھٽ ۾ گھٽ اوھان کي ته پنھنجي آفيس م صفائي رکڻ گھرجي. تعليم واري وزير سيد سردار شاھھ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي اسٽاف کي عوامي مسئلن واريون فائلون فوري طور تي مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ۽ سختيءَ سان تنبيھ ڪئي ته ڪنھن به فائل کي آفيس ۾ بنا سبب نه روڪيو وڃي. سيد سردار علي شاھ سڀني کي خبردار ڪيو ته هو پنهنجي ڪم تي مڪمل ڌيان ڏين. ھن وڌيڪ چيو تھ هو وقت بوقت کاتي جو دورو ڪندو رھندو ۽ عملي جي ڪارڪردگيءَ کي هو ذاتي طور تي چيڪ ڪندو رھندو. ٻئي پاسي ڪالهه صوبائي وزير سردار شاهه ڪاليج کاتي جي تعارفي اجلاس جي صدارت ڪئي، سيڪريٽري ڪاليجز خالد حيدر شاهه کاتي جي باري ۾ اجلاس کي بريفنگ ڏني ۽ ان موقعي تي ڊي جي ڪاليجن سميت صوبي جي سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن ۽ ٻين واسطيدار آفيسرن اجلاس ۾ شريڪ هئا. سيڪريٽري ڪاليجن خالد حيدر شاهه وزير تعليم کي بريفنگ ڏيندي آگاهي ڏني ته سنڌ ۾ هن وقت ڪل 335 سرڪاري ڪاليج آهن، جڏهن ته ان کان علاوه کاتي جي سهڪار سان هلڻ وارا ڪيڊٽ ڪاليج، ڪمينوٽي ڪاليج ۽ ٻيا ادارا الڳ آهن، جن کي ساليانه مخصوص گرانٽ ڏني ويندي آهي. هن ٻڌايو ته کاتي جي طرفان ساليانه سنڌ ايجوڪيشن اينڊوومنٽ فنڊ جي تحت مستحق ۽ هوشيار ٻارن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته کاتي کي جيڪي مسئلا درپيش اچي ٿي انهن ۾ اسٽاف جي گهٽتائي، فرنيچر ۽ ليبارٽري جي سامان جي گهٽتائي ۽ ڪاليج عمارتن جي تعمير جا مسئلا شامل آهن. ان موقعي تي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه سيڪريٽري ڪاليجز کي هدايت ڪئي ته هو تعليم کاتي جي ورڪس ونگ سان گڏ هڪ الڳ سان اجلاس طلب ڪن جنهن ۾ ڪاليجن جي عمارتن جي مسئلن کي حل ڪنداسين. سيد سردار علي شاهه چيو ته مان توهان جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر توهان سڀني کي منهنجي هڪ ئي درخواست آهي ته خدا جي واسطي غريب جي ٻارن کي پنهنجو ٻچو سمجهي انهن جي بهتر مستقبل لاءِ انهن کي معياري تعليم جي فراهمي يقيني بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته ڪريڪيولم ڪميٽيءَ ۾ ڪوشش ڪنداسين ته ڪاليج سائيڊ جو ڪريڪيولم اپڊيٽ ڪرڻ لاءِ الڳ ڪميٽي جوڙي ڇڏين. هن چيو ته ميٽرڪ بعد ڊراپ آئوٽ ريشو کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪاليجز ۾ داخلا وڌائڻ لاءِ سڀئي پرنسپالز پنهنجي پنهنجي ڪاليجن ۾ اينرولمينٽ ڊرائيو شروع ڪن، ان تي سندن بجيٽ ۾ پڻ اضافو ٿيندو ۽ مستقبل ۾ ڪاليجن جي بجيٽ اتان جي ٻارن جي داخلا ۽ حاضري سان مشروط ڪنداسين. هن چيو ته فرنيچر ۽ ليب سامان جي خريداري لاءِ ڊيسينٽرلائيزڊ پاليسي تي غور ڪنداسين. هن اسڪالر شپ فنڊ جي حوالي سان آفيسرن کي تنبيھ ڪئي ته اها اسڪالرشپس غريب ۽ هوشيار شاگردن جي امانت آهن ان ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي يا خيانت برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سرڪاري ۽ پرائيويٽ ڪاليجن جي پروفائلنگ جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته هو پاڻ ڪنهن به ڪاليج جو ڪنهن به ڏينهن اوچتو دورو ڪري استادن جي حاضري ۽ ٻارن جي پڙهائي کي چيڪ ڪندو. هن ريجنل ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي ته هو ٻارن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ جا سيشن مرتب ڪن ۽ سماج جي ناميارن شخصيتن سان اتساھ ڏياريندڙ گڏجاڻيون ڪرائڻ جو پلان مرتب ڪن ته جيئن ٻارن ۾ رڳو ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ نه پر نئين دنيا جي جديد پروفيشنز جي باري ۾ دلچسپي ۽ چاھ پيدا ٿي سگهي.
