ڪراچي(ويب ڊيسڪ) محرام الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو، يوم عاشور خميس 19 آگسٽ تي ٿيندو. رپورٽ موجب ڪوئيٽا ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي سربراهي ۾ٿيو، سڄي ملڪ مان چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون وٺڻ کانپوءِ چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته محرم الحرام جو چنڊ نظر اچڻ کانپوءِ نئين اسلامي سال 1443 هجري شروع ٿيو آهي.
