136

ڪراچي ۾رينجرز پاران سول انتظاميا سان گڏ فري ميڊيڪل ڪئمپ قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز ترجمان موجب رينجرز پاران سول انتظاميه سان گڏجي ۽ الاشراف ويلفيئر ٽرسٽ ميرپورخاص ڇوريو ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن لالوڪي ڏهاڻي ۽ ورنياڪي ڏهاڻي جي ماڻهن لاءِ فري ميڊيڪل ڪئمپ جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ علائقي جي غريب ماڻهن ۾ مستحق ماڻهن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون ان موقعي تي فري ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ميڊيڪل اسپيشلسٽ، اکين جي اسپيشلسٽ، چيسٽ اسپيشلسٽ، ٻارڙن جي اسپيشلسٽ، گائناڪالوجسٽ، اي اين ٽي، اسپيشلسٽ، چمڙي جي بيمارين جي ماهر اسپيشلسٽ، ليڊي ڊاڪٽرز ۽ پاڪستان سنڌ رينجرز جي ڊاڪٽرن 800 کان وڌيڪ مريضن جن ۾ عورتن ٻارڙن ۽ مردن به شامل آهن انهن جو طبي معائنو ڪيو ويو ۽ مريضن جو ليبارٽري ذريعي مفت ۾ ٽيسٽون ڪيون ويون ان سان گڏ موتين جا اکين جا آپريشن پڻ ڪيا ويا ۽ پوليو جا قطرا ۽ ڪرونا وائرس ويڪسين پڻ لڳائي وئي جڏهن ته ٻارڙن ۾ ڪتاب ۽ رانديڪا پڻ ورهايا ويا .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو