169

ڪراچي عدالت پاران ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. عدالت فرد جرم ۾قتل جو سبب ۽ زيادتي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڪيل جي درخواست تي شاهديون لڪائڻ جا قلم پڻ فرد جرم ۾شامل ڪيا ويا آهن، هوڏانهن جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،جڏهن ته شاهد 4 سيپٽمبر تي طلب ڪيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو