173

ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف کي اسڪول کلڻ کان اڳ ويڪسين جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اسڪول ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف کي ڪاليج ۽ اسڪول کلڻ کان اڳ ڪورونا ويڪسين ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ويڪسين نه ڪرائيندڙ عملي جي پگهار بند ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتي طرفان ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آحن، اسڪول ايجوڪيشن کاتي طرفان سمورن ڊائريڪٽر اسڪولس، ڊسٽرڪٽ اسڪول ايجوڪيشن آفيسرن ۽ ڊي جي پرائيويٽ انسٽيٽيوٽس کي ليٽر لکي چيو ويو آهي ته سمورن سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي ڪووڊ ويڪسين اسڪول کلڻ کان اڳ يقيني بڻائي وڃي ۽ اهڙي رپورٽ کاتي کي موڪلي وڃي، ويڪسين نه ڪرائيندڙ عملي جي پگهار بند ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي طرفان پڻ سمورن ڊي جيز، ريجنل ڊائريڪٽرز ۽ ڊائريڪٽر کي ليٽر لکي اهڙيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو