178

شھدادپور لڳ موٽرسائيڪل ۽ مزدا ۾ ٽڪر، رٽائرڊ ڊاڪٽر والد سميت فوت، مزدا ڊرائيور گرفتار

شھدادپور (ويب ڊيسڪ) شهدادپور لڳ ٻيراني روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ مزدا ۾ ٽڪر، پٽ موقعي تي فوت، سندس والد زخمي، حيدرآباد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، شھدادپور-سانگهڙ روڊ تي ٻيراني چوڪ وٽ سوائي پيٽرول پمپ ڀرسان مزدا ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار سمس اسپتال جو رٽائرڊ ڊاڪٽر 65 سال جو عبدالعزيز قريشي ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو آھي ۽ سندس والد جماعت اهلسنت تعلقه شھدادپور جو صدر 85 سالا پيرسن حاجي سبحان قريشي سخت زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي سمس اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن چڪاس ڪري فوتگي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، زخمي کي طبي امداد ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جتي علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ڊاڪٽر عبدالعزيز قريشي ۽ سندس والد جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، هر اک آلي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او شھدادپور آغا شمشاد ٻڌايو ته پوليس مزدا کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو آهي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو  هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو