لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ٿاڻي جي حد نور ڪالوني ۾ مارڪيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سرتاج احمد جاگيراڻي جي نوجوان وڪيل پٽ پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. سومر رات دير سان گهر ۾ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي 30 سالن جي پٽ فراز احمد جاگيراڻي جيڪو هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو جو وڪيل پڻ آهي پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. ذريعن موجب ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي رات جو دير سان جيئن ئي گهر پهتو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ وردي لاهي پسٽل بيڊ تي رکيو ته سندس نوجوان پٽ اهو پسٽل کڻي پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪئي. جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. هوڏانهن خودڪشي ڪندڙ نوجوان جو لاش ميروخان ڀرسان اباڻي ڳوٺ ۾ دفنايو ويو، جڏهن ته تڏو نور ڪالوني ۾ وڇايو ويو آهي جتي ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي سان سندس پٽ جي وڇوڙي تي تعزيت جو سلسلو پڻ جاري آهي.
153