ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ پي ٽي آءِ حڪومت ايڏي ڪمزور آهي جو ڪنهن به وقت عام چونڊون ٿي سگهن ٿيون، ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت کي نقصان پهچائڻو آهي ته مفادن واري سياست مان نڪرڻو پوندو، عمران خان ۽ عثمان بزدار لاءِ اڄ بي اعتمادي رٿ اچي ته سڀاڻي حڪومت ڊهي پوندي، پيپلز پارٽي نه ماضي ۾ ڪنهن جي اشاري تي هلِي ۽ نه ئي هاڻي هلندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران پ پ چيئرمين چيو ته اسان جا در سڀني لاءِ کُليل آهن، پيپلز پارٽي جيستائين پي ڊي ايم جو حصو هئي، تيستائين اپوزيشن کٽي رهي هئي، اپوزيشن سنجيده ٿئي ۽ حڪومت ڪيرائڻ لاءِ جمهوري هٿيار استعمال ڪري ته اسان تيار آهيون، وفاق سنڌ سان لڳاتار زيادتيون ڪري رهيو آهي، پيپلز پارٽي گهٽ وسيلن باوجود ڪم ڪري رهي آهي، ڪراچي جو عوام بلدياتي چونڊن ۾ متحده ۽ پي ٽي آءِ کي ڀرپر جواب ڏيندو، بلاول ڀٽو چيو ته عبدالقادر بلوچ ۽ ثناءُالله زهري جي مسلم ليگ(ن) ۾ توهين ڪئي وئي ۽ ٻنهي کي مسلم ليگ(ن) پنهنجن جلسن ۾ نه گهرايو. لاهور جي ترجمانن کي ڪوئٽه جي سياست جي خبر ئي نه آهي.
