ليکڪ: دانش نبي بخش شر
محــــرم مـــوٽي آئيـــو، آيا تان نه امام،
مديني جي ڄام، موليٰ مونکي ميڙيين.
شاھه صاحب جي ان عالم آشڪار بيت پڙهڻ سان محسوس ايئن ٿو ٿئي ڄڻ ته هو مديني شهر جي ڪنهن گهٽي ۾ ويٺو هجي ۽ ويهي امام حسين عه واري ڪربلا طرف ويل قافلي جي موٽ جو انتظارڪري رهيو هجي، انسان جي زندگي هميشه تلخ ۽ شيرين منظرن جو ميدان رهي آهي. هن زمين توڙي سج جو ڦيرو ڪڏهن به حادثن کان خالي ناهي رهيو، انهن واقعن ۽ حادثن مان ڪيئي اهڙا آهن جيڪي وجود ۾ اچڻ واري گهڙيءَ کان اڄ تائين زنده رهندا پيا اچن نه رڳو تاريخ جي ورقن تي پر انساني يادداشتن ۾ به انهن جي هڪ مخصوص منزل رهي آهي، ڪربلا جو واقعو ۽ سيد الشهدا امام حسين بن علي عه جي دين جي بقاءَ ۽ ظلم جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڏنل قرباني انهن واقعن مان آهي جن جو انسان جي سرشت ۽ فطرت سان سنئون سڌو لاڳاپو آهي، اهو ئي سبب آهي جو رونما ٿيڻ واري شروعاتي ڏينهن کان ئي اڄ تائين هر روز نئين کان نئين تجلي ڏيندو ٿو رهي ۽ دنيا جي هر حريت پسند انسان لاءِ مشعل راھه بڻجندو پيو اچي، اسلام جي تاريخ ۾ ان دردناڪ واقعي ۽ خدا جي دين خاطر پيش ڪيل عظيم قرباني جي هر رخ کي تاريخ پنهنجي هنج ۾ سانڍي رکيو آهي، جڏهن سن 60 هجريءَ ۾ يزيد اسلامي حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته حضرت رسول خدا (ص) جي ڏوهٽي حضرت امام حسين (ع) کان، خط لکي مديني جي گورنر وليد بن عتبه ذريعي بيعت جو مطالبو ڪيو، مديني جو گورنر جمعي جي ڏينهن 27 رجب المرجب سن 60 هجريءَ ۾ حضرت امام حسين (ع) کي پاڻ وٽ گهرائي يزيد جي مطالبي کان آگاھه ڪيو، جنهن تي حضرت امام حسين (ع) يزيد کي فاسق ۽ بدڪار چئي بيعت ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ ساڳئي ئي مهيني جي 28 تاريخ ڇنڇر جي رات پنهنجي خاندان سميت رات وڳڙي ۾ مڪي طرف نڪري هليو ويو، ساڳئي ئي سال جي شعبان مهيني جي ٻي تاريخ مڪي شريف ۾ پهتو، جتي چار مهينا ۽ پنج ڏينهن رهيو، ان سفر دوران سندس قافلي کي مڪي کان ڪوفي يا ڪربلا تائين جيڪي منزلون پيش اينديون رهيون،تن جا نالا تاريخ جي ڪتابن ۾ هن طرح ٿا ملن ذات عرق، حاجز، خزيمة، ثعلبية، شقوق، شراف، نينوا، عذيب الهجانات، ڪربلا، صفاح، ذات عرق، حاجز، خزيمة، زرود، ثعلبية، شقوق، زبالة، شراف، ذوحسم، بيضة، رهيمة، قادسية، عذيب الهجانات، قصر بني مقاتل، نينوا، ڪربلا، سومر جي ڏينهن15 شعبان سن 60 هجريءَ تي امام حسين (ع) جي حڪم موجب امير مسلم بن عقيل مڪي مان ڪوفي طرف روانو ٿي ويو، اڱارو پنج شوال تي ڪوفي پهتو ۽ ان ئي سال ذوالحج مهيني جي اٺين تاريخ شهيد ٿي ويو، ان ئي تاريخ تي حضرت امام حسين(ع) مڪي مان ڪوفي طرف اسهي پيو. سن ايڪهٺ هجري جي محرم مهيني جي ٽين تاريخ جمعي جي صبح جو ڪربلا پهتو، عمر بن سعد به ستت ئي لشڪر سميت ڪربلا اچي پهتو، ست محرم اڱاري واري ڏينهن امام عليه السلام۽ سندس ساٿين تي پاڻي بند ڪيو ويو.يزيدي فوج جا فوجدار ۽ فوج جو تعداد عمر بن سعد جي سپاهين جو تعداد 6000، سنان بن انس جي سپاهين جو تعداد 4000، عروة بن قيس جي سپاهين جو تعداد 4000، شمر بن ذي الجوشن جي سپاهين جو تعداد 4000، شبث بن ربعي جي سپاهين جو تعداد 4000، عڪرمه بن زيد جي سپاهين جو تعداد 2200، يزيد بن رڪاب جي سپاهين جو تعداد 2000، حصين بن نمير جي سپاهين جو تعداد 4000، ابن مازن جي سپاهين جو تعداد 3000، نصربن مازاني جي سپاهين جو تعداد 2000، خميس ڏينهن نائين محرم الحرام تي امام عليه السلام ۽ سندس ساٿين مٿان عمر بن سعد جي لشڪر پهريون حملو ڪيو، عاشور وارو واقعو جمعي ڏهاڙي 10 محرم الحرام 61 هجري ۾ پيش آيو، ڪربلا جا شهيد: حضرت ابو طالب (ع)جي اولاد مان جن جو ذڪر ”زيارت ناحيه“ ۾ ملي ٿو، 18 مجاهد. جن جو ذڪر زيارت ناحيه ۾ ناهي 13مجاهد، نابالغ نينگر: 3 مجاهد، خود حضرت سيد الشهداءَ امام حسين عليه السلام سرواڻ، اميرالمومنين عليه السلام جي اولاد مان 9 مجاهد، امام حسن عليه السلام جا فرزند 4 مجاهد، حضرت عقيل جا فرزند، 12 مجاهد، حضرت جعفر طيار جا فرزند، 4 مجاهد، حضرت امام حسين عليه السلام جا اهي انصار جيڪي هاشمي نه هئا جن جا نالا ”زيارت ناحيه“ ۾ آهن، 70 مجاهد، جن جا نالا ”زيارت ناحيه“ ۾ ناهن، 27 مجاهد، جن جي شهادت ڪوفي ۾ ٿي، 8 مجاهد، بني هاشم مان سڀ کان پهريون شهيد حضرت علي بن الحسين الاڪبر (علي اڪبر)هو.
حضرت امام حسين عليه السلام جو لباس ۽ جنگي اوزار ڪاڏي ويا؟: پهراڻ مبارڪ مرحوم شيخ مفيد عليه الرحمه جي روايت موجب) اسحاق بن حيات حضرمي لاهي ويو، ردا (چادر) يزيد بن اسهل لاهي ويو، عمامو (دستار مبارڪ) ”اخنص بن مرصد“ کڻي ويو، هڪ ٻي روايت موجب ”جابر بن يزيد ازدي“ کڻي ويو، نعلين (جتي) اسود بن خالد ازدي کڻي ويو، روايت ۾ آهي ته آنحضرت جي پيرن مان ڊوهي لاهي کڻي ويو، منڊي بجدل بن سُليم ڪلبي، آنحضرت جي آڱر مبارڪ وڍي کڻي ويو.اسفرائيني “سنان بن انس” لکيو آهي.سندس ئي قول موجب:آنحضرت جي زرھ مبارڪ به ان شخص ئي لاٿي، يمني چادر قيس بن اشعث کڻي ويو، ڪلاھ خود ۽ نيزو عيسيٰ بن تغلبه کڻي ويو، زرھه روايتن ۾ ملي ٿو ته سيد الشهداءَ حضرت امام حسين (ع) جون ٻه زرهون هيون.جن مان هڪ جو نالو”بترا“هو ۽ نهايت ئي مهانگي زرھه هئي، اها عمر بن سعد لاهي ويو، جڏهن ته ٻي زرھه مالڪ بن بشر ڪندي کڻي ويو، تلوار جميع بن الخلق ازدي کڻي ويو، جڏهن ته ڪن روايتن ۾”اسود بن حنظله“ کڻي ويو، اهڙي طرح ڪن ڪتابن ۾”فلافس نهشلي“ جو به نالو به ملي ٿو. 11 محرم الحرام ڇنڇر واري ڏينهن منجهند کانپوءِ باقي بچيل قيدين جو قافلو سڀ کان پهريان ڪوفي جي ڪٺور گورنر عبيدالله بن زياد جي آڏو پيش ڪرڻ لاءِ ڪربلا کان ڪوفي نيو ويو، اهلبيت اطهار جي ان لٽيل قافلي کي يزيد جي دربار ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪوفي کان شام وٺي ويا. ان روءِ سان ڪوفي کان شام تائين واري دور دراز رستي ۾ ايندڙ منزلن جا نالا تاريخ جي ڪتابن ۾ هن طرح ٿا ملن، تڪريت، موصل، حران، دعوات، قنسرين، قنسرين، سيبور، حمص، بعلبڪ، حماة، حلب، نصيبين، عسقلان، دير قسيس، دير راهب. ڪتاب نالي ”زندگاني ابا عبدالله(ع)“ ۾ عماد زاده وري هن طرح ڄاڻايون آهن، شط فراط، تڪريت، وادي نخلة، مرشاد، حران، نصيبين، موصل، حلب، دير نصراني،عسقلان، بعلبڪ، شام.اهڙي طر مٿي چاڻايل منزلن کان علاوه به ڪن ٻين منزلن جا نالا ملن ٿا جن جي ترتيب هن طرح ملي ٿي: قادسيه، تڪريت، موصل، تلعقر، ديرعمروه، صليا، وادي النخلة، ارمينا، لينا، ڪحيل، جهينة، نصيبين، دعوات، ڪفرتاب، سيبور، معرة النعمان، شيزر، حماة، بعلبڪ، عسقلان، حضرت امام حسين(ع) جي قبرمطهر جو سڀ کان پهريون زوار،حضرت رسول خدا (ص) جو نامور صحابي جابر بن عبدالله انصاري هو.
مددي ڪتاب : سيد ابن طاووس“مقتل لهوف”مڪتبه الحيدريه،نجف عراق1385هجري، حموي،ياقوت“معجم البلدان”داراحياءِ التراث العربية،بيروت لبنان1399هجري، مقرم، عبدالرزاق”مقتل الحسين“ مڪتبه بصيرتي، قم ايران، 1394هجري، محدث قمي،شيخ عباس“منتهيٰ الآمال”هجرت،قم،ايران،1412هجري. سپهر، محمد تقي”ناسخ التواريخ“ ڪتاب فروشي اسلاميه،قم،ايران،1307هجري شمسي، موسوي زنجاني، سيد ابراهيم ”وسيلة الدارين في انصارالحسين“ موسسة الاعلمي للمطبوعات، بيروت لبنان، بي تا، تقدسي نيا، خسرو ”72پرسش پيرامون حماسه ڪربلا“ موسسه آموزش عالي باقرالعلوم، قم، ايران 1376هجري شمسي، محدثي، جواد ”فرهنگ عاشورا“ نشر معروف، قم، ايران، 1374هجري شمسي.