186

انڊيا ۾ بي جي پي خلاف ٺهندڙ اتحاد…!!

ليکڪ: وجدان محمد کوسا

انڊيا ۾ 2019ع جي عام چونڊن کان 3 سال پوءِ ملڪ ۾ مخالف ڌر جي وڏين پارٽين جا اڳواڻ نريندر مودي جي پارٽي بي جي پي خلاف اتحاد ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر انڊيا ۾ پيش آيل ڪجهه تازن واقعن کانپوءِ ملڪ ۾ قومي سطح تي سڀني پارٽين طرفان نئين اتحاد، ان جي غرضن ۽ مقصدن ۽ ان جي هئيت بابت اڳڪٿين ۽ بحث ۾ تيزي اچي وئي آهي، علائقائي پارٽين جن ۾ ترنمول ڪانگريس، نيشنل ڪانگريس پارٽي، عام آدمي پارٽي، نيشنل ڪانفرنس ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا شامل آهن، هڪٻئي سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن ۽ ميڊيا جي ذريعن مطابق امڪاني وسيع تر سياسي اتحاد ۾ ڪانگريس پارٽي جي ڪردار بابت اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن، ان وسيع سياسي اتحاد لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ نئين اڳڀرائي 22 جون تي سامهون آئي جڏهن ملڪ جي هڪ بااثر سياسي شخصيت ۽ نيشنل ڪانگريس پارٽي جي سربراهه سردپوار جي رهائشگاهه تي هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان مخالف ڌر جي پارٽين جا سربراهه شريڪ ٿيا، ان اهم سياسي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي ڪانگريس پارٽي موجود نه هئي ۽ ڪجهه ميڊيا هائوسز اهو به اطلاع ڏنو ته ٻيون به ڪيتريون ئي پارٽيون اجلاس ۾ شريڪ ناهن ٿيون، جنهن کانپوءِ 28 جولاءِ تي ترنمول ڪانگريس پارٽي جي سربراهه ۽ اولهه بنگال جي وزيراعليٰ ممتا بينرجي گادي واري هنڌ نئين دهلي ۾ ڪانگريس جي سربراهه سونيا گانڌيءَ سان ملاقات ڪئي، ان ملاقات کانپوءِ بي جي پي کي ايندڙ چونڊن ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين وچ ۾ اتحاد جي ضرورت تي زور ڏيندي ممتاز بينرجي چيو آهي ته سونيا گانڌي سان ملاقات ۾ هن ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.ممتا بينرجي عام آدمي پارٽي جي سربراهه ۽ مودي حڪومت خلاف کلي ڳالهائيندي سياسي اڳواڻ ارويند ڪيجريوال سان به ملاقات ڪئي. مخالف ڌر جي پارٽين پارليامينٽ جي هلندڙ مون سون اجلاس ۾ به حڪمران پارٽي خلاف گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هڪ اخباري اطلاع مطابق مخالف ڌر جي 14 سياسي پارٽين وچ ۾ گذريل هفتي هڪ ملاقات ٿي، جنهن ۾ حڪومت طرفان سياسي اڳواڻن جي جاسوسي ڪرڻ واري معاملي کي پارليامينٽ ۾ اٿارڻ تي گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ راهول گانڌي 3 آگسٽ تي مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ناشتي تي گهرايو، جنهن ۾ سياسي اڳواڻن جي جاسوسي ۽ ٻين معاملن جن ۾ زراعت جي شعبي ۾ ڪيل قانوني اصلاحن ۽ تيل جي وڌندڙ قيمتن تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ملاقات کانپوءِ مخالف ڌر جي هڪ اڳواڻ چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته اسان انهن مسئلن تي حڪومت جي مخالفت جاري رکنداسين ۽ جيڪڏهن حڪومت پارليامينٽ جي ان اجلاس کي جاري رکڻ چاهي ٿي ته ان کي جاسوسي جي معاملي تي بحث ڪرائڻ تي متفق ٿيڻو پوندو. ڪجهه سياسي مبصر ۽ خاص طور تي بي جي پي جي سياست سان اختلاف رکندڙ مبصر مخالف ڌر جي سياسي پارٽين وچ ۾ چونڊ سياست کان هٽي اتحاد ٺاهڻ واري ضرورت تي زور ڏئي رهيا آهن.سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن يوگيندر ياديو دي پرنٽ نالي نيوز ويب سائيٽ تي هڪ مضمون ۾ چيو آهي ته مودي خلاف ڄاتل سڃاتل سياسي چهرن جو گڏ ٿيڻ اسان جي وقت جي تباهه ڪندڙ ۽ هڪ انتهائي ڪاهلاڻو سياسي عمل هوندو. ياديو چيو آهي ته ان باري ۾ سخت شڪ موجود آهن ته هڪ اهڙو اتحاد جنهن ۾ مختلف سياسي نظرين ۽ شخصي مقصد رکندڙ سياسي اڳواڻ شامل هجن اهو پائيدار به ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ڪري مخالف ڌر جي سياسي اڳواڻن کي گهرجي ته جلد بازي ۾ ڪو چونڊ اتحاد ٺاهڻ بدران اعليٰ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪن، تعليمي شعبي سان تعلق رکندڙ زويا حسن دي وائر نالي ويب سائيٽ تي لکيو ته  مخالف ڌر جي سياسي پارٽين جو اتحاد چونڊن جي حلقن جي ورهاست کان اڳتي هجڻ گهرجي، هن لکيو ته اهڙي سياسي اتحاد جو اساس فڪري ۽ عام ماڻهو جي مفادن کي نظر ۾ رکندي ٺاهيل گهٽ ۾ گهٽ گڏيل ايجنڊا جي بنياد تي رکڻ گهرجي ۽ اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي اڳواڻن کي پنهنجي ذاتي مفادن جي قرباني ڏيڻي پوندي جيئن ساڄي ڌر جي سياست جو مقابلو ڪري سگهجي.ملڪ ۾ 2014ع ۽ ان کانپوءِ 2019ع جي عام چونڊن ۾ بي جي پي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان لوڪ سڀا ۾ پنهنجي طاقت تي ٽن ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو اڪثريتي سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿي هئي، انهن ٻنهي چونڊن دوران بي جي پي جي سينٽن ۾ رڳو 21 سيٽن جو فرق پيو، يعني 2019ع جي چونڊن ۾ هن 2014ع جي مقابلي ۾ 21 سيٽون وڌيڪ حاصل ڪيون پر تقريبن سمورن تڪن ۾ جتان بي پي جي ڪاميابي حاصل ڪئي اتي ان جي وڌل ووٽن جي انگ ۾ وڏي حد تائين واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. بي جي پي جي حمايت ۾ وڌل ووٽن جي شرح ۾ 7.3 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ اها شرح وڌي 37.3 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. 2019ع جي چونڊن ۾ بي جي پي جن سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي انهن مان 74 سيڪڙو سيٽن تي ان کي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ پيا، انهن سيٽن تي سياسي پارٽين جو اتحاد وڌيڪ موثر ثابت ٿي سگهيو ٿي ڇو ته بي جي پي اڪثريتي ووٽ حاصل ڪري ورتا هئا، باقي 24 سيڪڙو سيٽن تي بي جي پي کي 40 سيڪڙو وڌا ويا، چونڊ سياست تائين محدود ڪنهن به سياسي اتحاد لاءِ اها انتهائي ڏکي صورتحال آهي. چونڊن جا انگ اکر هڪ لحاظ بي جي پي جي ناقابل شڪست هجڻ طرف اشارو ڪن ٿا، بي جي پي 2019ع ۾ 303 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ انهن تڪن مان کيس 55 سيڪڙو ووٽ پيا هئا ۽ اهي انڊيا ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ سمورين چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽي ۾ ملندڙ سڀ کان وڌيڪ ووٽ آهن. اهي ڪانگريس کي ملندڙ ووٽن جي شرح کان 9 سيڪڙو وڌيڪ هئا، انهن چونڊ انگ اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مخالف ڌر جي پارٽين ۾ رڳو چونڊ سياست تائين محدود اتحاد بي جي پي خلاف موثر ثابت نه ٿيندو، ان وقت تائين ته مخالف ڌر جون پارٽيون اقتدار ڌر خلاف هڪ مضبوط بيانيي سان چونڊن ۾ لهن، وقت گذرڻ سان ڪانگريس جي چونڊ حمايت ۾ گهٽتائي ٿي آهي جيڪا بي جي پي جي حق ۾ هلي وئي آهي جڏهن بي جي پي 1985ع ۾ پهريون ڀيرو چونڊ سياست ۾ داخل ٿي هئي ته ان کي صرف 2 تڪن تان ڪاميابي ملي سگهي، جڏهن ته لوڪ سڀا جي مجموعي 543 سيٽن مان ڪانگريس کي 404 سيٽن تي ڪاميابي ملي هئي، ان کانپوءِ هن وقت تائين جيتريون به چونڊون ٿيو آهن، انهن ۾ بي پي جي جي ڪارڪردگي بهتر کان بهتر ٿيندي وئي آهي ۽ 2014ع ۽ 2019ع ۾ ان کي وڏيون ڪاميابيون مليون ۽ ڪانگريس جي مقبوليت گهٽ ٿي، 2014ع ۾ 44 ۽ 2019ع ۾ 53 سيٽن تائين محدود ٿي رهجي وئي، زويا حسن چيو ته ڪو به ملڪي سطح تي ٺهندڙ سياسي اتحاد جنهن جو نصب العين پارلياماني چونڊن ۾ بي جي پي کي شڪست ڏيڻ گهرجي ان ۾ قومي سطح جي پارٽين جو هجڻ انتهائي ضروري آهي، هن چيو ته ڪانگريس جيتري به ڪمزور ٿئي پر اڃا ايتري سياسي قوت رکي ٿي جو کيس نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، مخالف ڌر جي پارٽين ۾ اها اڪيلي ملڪي سطح جي پارٽي آهي، جنهن 2019ع جي چونڊن ۾ به 12 ڪروڙ ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ بي جي پي 22 ڪروڙ ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته ڪانگريس کي ملندڙ 20 سيڪڙو حصو ٺهي ٿو، انڊيا جي اخبار دي هندو جي هڪ ايڊيٽوريل ۾ چيو ويو آهي ته ڪانگريس جي شموليت کانسواءِ بي جي پي خلاف ڪو به اتحاد ڪارگر ثابت نه ٿيندو، 2019ع جي چونڊن ۾ ڪانگريس 5 رياستن ۾ ووٽ حاصل ڪندڙ سڀ کان وڏي پارٽي رهي، جڏهن ته 22 ٻين رياستن ۾ اها ان لحاظ کان ٻئي نمبر تي رهي، جن 22 رياستن ۾ بي جي پي کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا، انهن مان 19 ۾ ڪانگريس ٻئي نمبر تي هئي، ان ڪري ڪانگريس ملڪي سطح تي ٺهندڙ ڪنهن به اتحاد جو هڪ قدرتي حصو بڻجي ٿي، سڄي انڊيا ۾ 11 مختلف پارٽيون آهن، جن مان اهڙيون پارٽيون به آهن، جيڪي ڪنهن هڪ رياست ۾ مضبوط آهن ۽ انهن ڪنهن هڪ رياست ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته ٻيون 10 اهڙيون پارٽيون آهن، جيڪي 10 رياستن ۾ ٻئي نمبر تي رهيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو