ليکڪ: نور خان بکراڻي/حصو آخري
ھتي مختلف ملڪن جا بادشاهه به گھمڻ لاءِ ايندا ھئا، اتان جي ھڪ مقامي ماڻھو ٻڌايو ته راڻي ايلزبيٿ ۽ شهزادو فِلپ به اچي ھتي قيام ڪيو ھو، ھن وقت وائيٽ پئلس کي ھوٽل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، مَرغزار ۽ وائيٽ پئلس کان واپسيءَ تي اسلام پور طرف مڙياسين، اسان جي ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو ته اسلام پور جي دستڪاري تمام گھڻي مشھور آھي، ھتي خاص ڪري ان مان ٺھندڙ ڪمبل بھترين قسم جا سمجھيا ويندا آھن، جن کي سياح ڏاڍو پسند ڪندا آهن، ھتان ڪجهھ خريداري ڪرڻ کان پوءِ رات جو ھوٽل تي اچي قيام ڪيوسين ۽ اڳئين پِِڪنڪ پُوائنٽ جو نقشي تان منصوبو جوڙيوسين. ٻي صبح جو پنھنجي سير ۽ سفر کي وڌيڪ دلچسپ ۽ يادگار بڻائڻ لاءِ مينگورا سوات کان ڪجھه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اٽڪل 10 ھزار فوٽن جي بلندي تي ھڪ ٻئي تفريحي ماڳ مالم جبا لاءِ جيئن ئي روانا ٿياسين ته گھاٽن ۽ ڪارن بادلن اسان کي پنھنجي مڪمل گھيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ جيئن جيئن اسان جي ٽيڪسي ڪار چاڙھي تي چڙھندي رھي ته برسات جي بوندان باندي ۽ ٿڌڙي هير موسم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، پوءِ ته دل کي وڻندڙ ۽ خوشگوار موسم اسان جي سفر کي اڃا به وڌيڪ دلچسپ ۽ يادگار بڻائي ڇڏيو. حقيقت پڇو ته سڄي سوات وادي تمام گھڻي خوبصورت ۽ گھمڻ وٽان آھي، پر مالم جبا جي ڳالھه ئي پنھنجي آهي، ھتي 50 ڪمرن تي ٻڌل پرل ڪنٽيننٽ ھوٽل، جبل جي ھائيڪنگ، چيئر لفٽ، خوبصورت پارڪ ۽ سر سبز نظارا ڏسي سفر جو سمورو ٿڪ ئي لھي ويو ۽ پنھنجي ٽوئر کي يادگار ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ھڪ نئون تصويري البم ٺاھيوسين. ھي سياحتي مقام دل ۾ جاءِ ڪري ويو ۽ ايڏو ته لطف ۽ مزو آيو جو ھي سياحتي مقام ھميشه لاءِ ياد رھندو.اڳئين صبح جو مياندم شھر وڃڻ جو فيصلو ڪري هوٽل تان ٿيلھا کڻي نڪتاسين. ڪالام روڊ واري رستي تي مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ چراغ گاھن مان گذرندي فتح پور اسٽاپ تي لٿاسين، ڪالام روڊ کان ساڄي طرف 8 ڪلوميٽر جبل جي چوٽيءَ تي ھڪ ننڍڙو پر نھايت وڻندڙ ۽ سياحن جي رھائش لاءِ موزون جاءِ سمجھي ويندڙ مياندم شھر پھتاسين. سوات وادي گھمڻ دؤران ڪراچي کان ڪشمور ۽ بلوچستان توڙي پنجاب صوبي جي مختلف شهرن مان وڏي تعداد ۾ سياح ھتي اچي ترسي پوندا آھن، ھن شھر جي خاص ڳالهھ اھا آھي ته ھتي سياحن جي رھائش لاءِ 300 کان وڌيڪ عاليشان ھوٽلون مناسب ڪرائي تي دستياب ھوندا آھن. سچ پچ مياندم شھر ۾ رھڻ دوران ڏاڍو مزو آيو ۽ ھتي جي موسم ڏاڍي پياري ۽ وڻندڙ ھئي، جنھن مان خوب لطف اندوز ٿياسين. مياندم کان واپسيءَ تي مياندم/فتح پور چؤڪ وايا ڪالام روڊ کان 8 ڪلوميٽرن جي مُفاصلي تي مدين شھر ۽ اتان وري وين ذريعي 10 ڪلوميٽرن تي بحرين سٽي گھمڻ وياسين. بحرين سوات ضلعي جو پڻ ھڪ نھايت خوبصورت شھر آھي، بحرين شھر تي اھو نالو ان ڪري پيو جو ھتي دارل ۽ سوات درياهه پاڻ ۾ ملن ٿا، ياد رھي ته بحرين شھر سمنڊ جي سطح کان 4700 فوٽ اوچائيءَ تي آباد آهي. اسان جي اڳئين منزل ڪالام شھر ھئي، جتي پھچي ھڪ ريسٽورنٽ ۾ رھائش اختيار ڪئي، صبح سوير ڪالام جا خوبصورت ماڳ گھمڻ لاءِ جيپ وسيلي روانا ٿياسين، ڪالام شھر کان 8 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اوشو فاريسٽ شروع ٿئي ٿو، روڊ جي ٻنهي پاسن کان آسمان سان ڳالھائيندڙ گھاٽن صنوبر وڻن جو نظارو ڏسڻ وٽان ھو، اتان ٿورو اڳتي ماٽلتان جو اسٽاپ اچي ٿو، ھتان کان اڳتي روڊ وروڪڙ کائيندو جبل جي لاھين ۽ چاڙھين تان ٿيندو سوات وادي جي ھڪ پرڪشش ۽ دل کي موهيندڙ ھڪ آبشار ڏسڻ جو موقعو مليو، آبشار ڏسي قدرت جي حسين نظارن دل کي ڏاڍي راحت ڏني ۽ دوستن سان گڏ ڏاڍو لطف اندوز ٿياسين، جبل جي پاسي سان ھلندي ھلندي نيٺ پنھنجي ٽوئر جي آخري منزل ۽ واديءَ سوات جي تمام مشھور ۽ دل کي لڀائيندڙ سياحتي مقام مھو ڍنڍ پھتاسين. ھتي پھچڻ ھر ننڍي وڏي سياح جو خواب ۽ خواھش ھوندي آھي ۽ مھو ڍنڍ جي دلفريب نظارن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ بڻائڻ سان تمام گھڻي خوشي ۽ فخر محسوس ڪندو آهي ته ان خطرناڪ پھاڙي رستن سان ايڊوينچر ڪري مھو ڍنڍ تائين پھچڻ ۾ ڪامياب ويو، چوندا آهن ته مشڪل ۽ خطرناڪ رستن سان سفر ڪرڻ دراصل سياحن جو شيوو ھوندو آھي، ھتي پھچي خوب مزو ورتوسين ۽ اتان کان 3 ڪلوميٽر اڳتي وري ھڪ ٻي ڍنڍ سيف الله جھيل جي نالي سان گھمڻ وياسين، جيتوڻيڪ ھيءَ ڍنڍ مھو ڍنڍ کان گھڻي ننڍي آھي پر ان جو نظارو پڻ ڏسڻ وٽان آهي. ھتي پھچي معلوم ٿيو ته مھو ڍنڍ ۽ سيف الله جھيل کان 10 منٽن جي مفاصلي تي سياحن ھڪ نئين ڍنڍ پڻ دريافت ڪئي آهي جنهن کي نصرالله جھيل جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، واپس گھر تائين پھچڻ دؤران سوات وادي جي خوبصورت تفريحي ماڳن جي مختلف پھلوئن تي بحث ڪندي گھر پھچي رب پاڪ جو شڪريو ادا ڪيوسين، دعا آهي ته ديس جو ھر ننڍو وڏو پنھنجي دل، دماغ ۽ روح کي تازگي ۽ فرحت پھچائڻ خاطر اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ موجود جنت جھڙن خوبصورت تفريحي ماڳن جي گھمڻ، قدرتي نظارن ۽ ان مان خوب لطف اندوز ٿيڻ جو موقعو حاصل ڪري.