179

ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد ڪاررواين ۾ واڌ

ايڊيٽوريل

ڪوئيٽا ۾ پوليس وين ڀرسان بم ڌماڪو،2 اهلڪار شهيد، 8 اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، ميڊيا رپورٽ موجب ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي پوليس وين ڀرسان موٽرسائيڪل ۾ نصب ٿيل بم زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن سبب 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 8 اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪي ۾ٻن پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا،پوليس وين پڻ تباهه ٿي وئي، لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، بم ڌماڪي سبب ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي واري هنڌان شاهديون هٿ ڪري ورتيون آهن، ٻئي طرف ايس ايس پي چيو آهي ته پوليس وين کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي لاءِ ڌماڪو ڪيو ويو، دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کان ڊڄڻ وارا ناهيون. صوبائي حڪومتي ترجمان لياقت شاهواڻي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا،انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. ڪوئيٽا ۾ وقفي وقفي سان دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن، ڪجهه وقت اڳ پڻ چيني سفير جي رهائش واري هوٽل ۾ ڌماڪو ٿيو هو، ان کانپوءِ ڪي پي ڪي ۾ چيني انجنيئرن جي گاڏي سان دهشتگرديءَ جو واقعو پيش اچي چڪو آهي ۽ ائين ئي لاهور ۾ پڻ هڪ ڪار بم ڌماڪو ٿي چڪو آهي، هي ته وڏا وڏا واقعا هئا جن جو هتي ذڪر ڪيوسين پر ڏٺو وڃي ته ملڪ جي مختلف هنڌن تي هڪ دفعو ٻيهر دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن جيڪي يقينن ڳڻتي جوڳيون آهن، افغانستان جي صورتحال ۽ اتي هلندڙ گهرو ويڙهه جا اثر يقيني طور تي هتي پوڻا آهن، ڇو ته ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته طالبان جون حامي ڌريون ۽ گروهه جن کي پاڪ فوج ۽ پاڪستان جي عوام وڏي محنت، جفاڪشي ۽ قربانين سان شڪست ڏني هئي، افغان صورتحال کانپوءِ اهي ٻيهر ڪنڌ کڻي سگهن ٿا، ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان ۽ خاص ڪري بلوچستان اندر ڀارت دهشتگردي ۾ ملوث رهيو آهي ۽ هن وقت به اتي ٿيندڙ دهشتگردي ۾ پرڏيهي هٿ ۽ خاص ڪري ڀارت جي ملوث هجڻ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا عالمي فورمن تي ۽ ملڪي سطح تي اهڙا ڪيترائي ثبوت پڻ پيش ڪيا آهن، جن ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت هتي دهشتگردي ۾ ملوث رهيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته هن وقت پاڪستان کي پاڙيسري ملڪ افغانستان جي صورتحال کي سامهون رکندي وڌيڪ چوڪس رهڻ ۽ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته افغانستان جي ڪمزور حڪومت جيڪا طالبان کي منهن ڏيڻ جي طاقت نٿي رکي، اها پاڪستان مٿان بار بار الزام هڻي رهي آهي، جيتوڻيڪ سڄي دنيا کي اها ڄاڻ آهي ته پاڪستان افغانستان جي معاملي جي حل لاءِ ڪيتريون ڪوششون ڪيون آهن، اسان سمجهون ٿا ته بلوچستان اندر ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ڀارت سميت ٻين ملڪن جو پڻ هٿ ٿي سگهي ٿو، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بلوچستان تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي، گڏوگڏ بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان حڪومت کي اڳتي وڌي اهڙا قدم کڻڻا پوندا، جنهن سان بلوچن جي محروميءَ وارو احساس ختم ٿئي ۽ انهن ۾ مالڪي وارو احساس پيدا ٿئي، جيڪڏهن بروقت ۽ تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته حالتون وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو