اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 506 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. قومي صحت وزارت طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 506 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. جنهن مان 3884 ماڻهن جا ٽيسٽ مثبت آيا آهن. ان طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ڪورونا ٽيسٽن جي مثبت اچڻ جي شرح 7.84 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 86 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
