اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ موجود سمورا ويڪسين محفوظ ۽ اعتماد جوڳا آهن. صحت واري وزارت طرفان ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني شهري ڪنهن خاص ويڪسين جو انتظار نه ڪن. ملڪ ۾ موجود سمورا ويڪسين محفوظ ۽ اعتماد جوڳا آهن. سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهو اڃا تائين ويڪسين جا منتظر آهن، پاڪستاني عوام خوشقمست آهي جو کين ويڪسين ميسر آهي. ويڪسين لڳرائين پاڻ کي پنهنجي والدين ۽ ٻارڙن کي ان وچڙندڙ بيماريءَ کان محفوظ بڻائين.
