اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته ڇڏيل ملڪيتن تي قبضا مافيا جو قبضو ڇڏرائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. قومي اسيمبلي ڪشور زهره جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ کانپوءِ ڪجهه ڇڏيل ملڪيتن کي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، موجوده حڪومت 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڇڏيل ملڪيتن تي قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سنڌ ۾ ڇڏيل ملڪتن ۾ 627 عمارتون، 357 دڪان، 81 پلاٽس ۽ ٻه فيڪٽريون شامل آهن، ڇڏيل ملڪيتن ۾ ٻه لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين شامل آهي، انهن ملڪيتن تي قبضا مافيا قبضو ڪري رکيو آهي، قبضو ڇڏرائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، مواصلات واري وزارت ان حوالي سان تيزي سان قدم کڻي رهي آهي، اجلاس جي صدر نشين امجد علي خان چيو ته اهو معاملو عدالت ۾ آهي ان تي بحث نٿو ڪري سگهجي.
