226

رحيم يار خان ۾ مندر تي حملو ڪندڙن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي: لال چند مالهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري پارلياماني سيڪريٽري لال چند مالهي چيو آهي ته رحيم يار خان ۾ مندر تي حملو ڪندڙن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته رحيم يار خان ۾ مندر جي بحالي تي پنجاب حڪومت جو ٿورائتو آهيان، حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، نادرا سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ جعلي ڪارڊز ٺاهيا ويا، ان ۾ ملوث اهلڪارن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي ۽ اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو