190

سمورا اختلاف هڪ پاسي رکي ملڪ کي پاڪستان جي باني جي تصور موجب هلائينداسين: امجد علي خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران صدر نشين امجد علي خان چيو ته اڄ ان عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته سمورا اختلاف هڪ پاسي رکي ملڪ کي پاڪستان جي باني جي تصور موجب هلائينداسين. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران هن چيو ته اڄ کان 74 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن پاڪستان جي پهرين قانون ساز اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان جو نظام جمهوري ۽ پارلياماني هوندو، اڄ ان ڏينهن جي مناسبت سان اسان کي ان عزم جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو ته سمورا اختلاف هڪ پاسي رکي ملڪ کي پاڪستان جي باني جي تصور موجب هلائينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو