193

افغانستان ۾ پائيدار امن لاءِ گڏجي ويهڻ ۽ سياسي حل ڳولڻ جي ضرورت آهي: فرخ حبيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن لاءِ گڏجي ويهڻ ۽ سياسي حل ڳولڻ جي ضرورت آهي.  پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پائيدار امن ڳولڻ بدران افغان عملدار مسلسل پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا ۾ مصروف آهن، هن چيو ته اها غفلت آهي يا ڄاڻي واڻي افغان عوام جي فرضن کان ڀڄڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو