143

پاڪستان افغانستان ۾ ڪجهه حلقن طرفان لڳايل بي بنياد الزامن کي رد ڪري ٿو: حماد اظهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي ڪجهه حلقن طرفان لڳايل بي بنياد الزامن کي رد ڪري ٿو. افغان نيشنل سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن وڏي پيماني تي مالي امداد باوجود جنگ دوران رضاڪارانه طور هٿيار ڦٽي ڪيا، افغان حڪومت کي پنهنجي ناڪامين کي تسليم ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي ڪجهه حلقن طرفان لڳايل بي بنياد الزامن کي رد ڪري ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو