220

اسان جي اولين ترجيح ترقياتي ڪمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرائڻو آهي: مرتضٰي وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ صلاحڪار قانون بيريسٽر مرتضٰي وهاب ضلعي ڏکڻ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو جن ۾ کارادر، ميٺادر، وزير مينشن جي پاسي وارا علائقا ۽ نشتر پارڪ شامل هئا، مختلف کاتن جا واسطيدار آفيسر پڻ ان سان گڏ هئا، بيريسٽر مرتضٰي وهاب انهن علائقن ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ کارادر امام بارگاهه جو پڻ دورو ڪيو ۽ منتظمين سان ملاقات ۾ انهن کي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو، هن چيو ته اسان جي اولين ترجيح ترقياتي ڪمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرائڻو آهي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ان موقعي تي علائقي واسين سان ملي ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان کان اڳ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بيريسٽر مرتضٰي وهاب مينيجنگ ڊائريڪٽر واٽر اينڊ سيوريج بورڊ اسدالله خان سان گڏ نشتر پارڪ جو دورو ڪيو ۽ علماء ڪرام ۽ جعفريه الائنس جي صدر شبر زيڊي سان ملاقات ڪئي ۽ ان جا مسئلا ٻڌا، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ انهن کي پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو، ڊي سي ايسٽ آصف جان ۽ جعفريه الائنس جو يونس جعفر پڻ ان موقعي تي موجود هئا جنهن بيريسٽر مرتضٰي وهاب کي صورتحال بابت آگاهه ڪيو، نشتر پارڪ ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي پاڻ محرم جي مجسلن لاءِ سمورن انتظامن جو جائزو ورتو ۽ سڪيورٽي جي انتظامن کي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو