اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾9 رڪني جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، ڪنهن به هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ان جي رضامندي يا بغير رضامندي سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج بڻائڻ تي مشاورت ٿي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس (ر) دوست محمد خان ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر اختر حسين قانوني راءِ ڏني ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ايڊهاڪ جج نٿو لڳائي سگهجي، اهڙو عمل عدليا جي آزادي جي ابتڙ آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ان حوالي سان رضامندي به ناهي ڏني، ٻئي طرف ذريعن موجب چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد، جسٽس مشير عالم، جسٽس عمر عطا بنديال ۽ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم راءِ ڏني ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ايڊهاڪ جج بڻائي سگهجي ٿو، اٽارني جنرل مشروط راءِ ڏني، جنهن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش صدر مملڪت ڏانهن موڪلي وئي آهي.
