115

عمران خان دهشتگردن لاءِ نرم رويو رکي ٿو، مخالفت ڌر پهرين بزدار ۽ پوءِ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي سرڪار کي دهشتگردن خلاف اثرائتو آپريشن ڪرڻ ۽ نيشنل ايڪشن پلان توڙي طالبان بابت پاليسي جو جائزو وٺڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ واءِ ايم سي اي گرائونڊ جي بحالي واري افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عام چونڊون ڪنهن وقت به ٿي سگهن ٿيون، اپوزيشن جماعتون ذاتي مفادن واري سياست ڇڏي پهرين بزدار ۽ پوءِ عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ آڻين ته حڪومت سڀاڻي ئي ڊهي پوندي. عمران خان تجويزن تي عمل نه ڪيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي دهشتگردن جو ايندڙ هدف پاڪستان ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت دهشتگردن کي خوش ڪرڻ ۽ نرم رويو رکڻ بدران ٺوس قدم کڻندي فوري طور تي نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان دهشتگردن لاءِ نرم رويو رکي ٿو اهو ملڪ لاءِ خطرناڪ ٿيندو پاليسي تي حڪومت جائزو وٺي نه ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ پاڪستان دهشتگردي جي نشاني تي اچي ويندو.  اهي دهشتگردي جا خطرا هاڻ پاڪستان تي لامارا ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته افغانستان جي هن وقت جي صورتحال ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻو پوندو. دهشتگردن خلاف حڪومت فوري موثر ڪارروائي ڪري نه ته پاڪستان ۾ وڌيڪ دهشتگردي جا واقعا ٿيندا. پيپلز پارٽي ڪوئٽا سميت ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن جي کليل مذمت ڪري ٿي. پي ڊي ايم بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مولانا فضل الرحمان جي هو عزت ڪريان ٿو. متحده اپوزيشن ئي حڪومت کي نقصان پهچائي سگهي ٿي،  جيستائين پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جو حصو هئي ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون پيپلز پارٽي جي ڏنل سفارشن تي عمل ڪري رهيون هيون ته پي ڊي ايم کي ڪاميابي حاصل ٿي رهي هئي. اپوزيشن جماعتن ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ڪوئٽا کان خيبر تائين فاٽا ۾ به کٽيا. سينيٽ چونڊن ۾ به پي ڊي ايم جي جماعتن حڪومت خلاف زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي. اسلام آباد مان پي ڊي ايم جي سينيٽ اميدوار حڪومت خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن ۽ مولانا فضل الرحمان کي پيغام ڏيندي چيوته پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون جيڪڏهن واقعي سنجيده آهن ۽ حڪومت کي نقصان پهچائڻ چاهيون ٿيون ته انهن کي ذاتي مفاد ۽ سياست کي پاسيرو رکي پهرين بزدار ۽ پوءِ عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ آڻين ته سڀاڻي ئي حڪومت ڊهي پوندي. پيپلز پارٽي ڪنهن جي اشارن تي نه پر پنهنجي سياسي حڪمت عملي تحت هلندي آهي. اشارن تي ڪڏهن هلي آهي نه هلندي. باقي تمام جماعتون نرسرين مان نڪري آيون آهن. وفاقي حڪومت طرفان گذريل مون سون ۾ 1100 ارب رپيا اعلان ڪيا ويا هئا ان کي هڪ سال ٿي چڪو آهي پر نه ته هڪ رپيو مليو نه هڪ سِر لڳي، هيءَ حڪومت جلد وڃي رهي آهي پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري حڪومت ٺاهيندي. صوبي سان ناانصافي مالياتي معاملن تي هجي يا صوبي ۾ آدمشماري جو معاملو هجي ان بابت سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي خط لکي احتجاج ڪيو آهي. وفاقي حڪومت سنڌ جي حصي جو پاڻي ۽ بجلي نه پئي ڏي. بلاول ڀٽو چيو ته ايم ڪيو ايم وارن جي اها عادت ٿي وئي آهي ته هو نه پاڻ ڪجهه ڪراچي ۾ ڪندا آهن نه ڪنهن ٻي کي ڪم ڪرڻ ڏيندا آهن. ڪراچي ۾ اڻ پورن وسيلن جي باوجود ترقياتي ڪم جاري رکيل آهن. وفاقي حڪومت سنڌ سان جيڪو ڪري رهي آهي اهو عوام ڏسي رهيو آهي. عوام سمجهي ٿي ته پيپلز پارٽي سندن مسئلن کي حل ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تبديلي کي عوام ڀوڳيو آهي ڇو ته هيءَ حڪومت انتهائي غير مستحڪم حڪومت آهي اسان سمجهون ٿا ته حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به وقت چونڊون ٿي سگهن ٿيون ۽ پيپلز پارٽي انهن چونڊن جي تياري ڪري رهي آهي. ڪراچي ۾ ايڊمنسٽريٽر لڳائڻ بابت سوال تي بلاول ڀٽو زرداري جواب ۾ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي ڪراچي ۾ بهري ۽ سروس ڊيليوري لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو هوندو ڪندو. ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي عوام جي بهتري ۽ ترقي لاءِ وڏو وزير هر هٿيار استعمال ڪندو. وڏي وزير ايڊمنسٽريٽر پنهنجي ڪابينا جو لڳايو آهي. پيپلز پارٽي جي ڪوشش آهي ته هو ڪراچي شهر ۾ بهتري آڻي. وڏي وزير کي حق آهي ته ۽ اختيار آهي ته هو ڪراچي شهر ۾ بهتري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي ۽ اها ئي سنجيدگي آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجو ايڊمنستريٽر ڪراچي لڳايو ۽ ڪابينه ۾ ڪراچي شهر جي ضلعي سطح تي معاون خصوصي لڳايا ان مان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته پيپلز پارٽي ڪراچي کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري دعويٰ ڪئي ته جيالي کي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي لڳائڻ جي فيصلي کي عوام ساراهيو آهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو