واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جون محفوظ پناهه گاهون هئڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو آهي ۽ افغانستان جي حالتن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي افغان حڪومت جي مدد لا ڪٿي به حملا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پينٽاگن جي پريس سيڪريٽري جان ايف ڪربي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افغان سرحد جي ويجهو دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان ڳالهايون پيا، دهشتگردن جون محفوظ پناهه گاهون استحڪام نه ٿيڻ جو ڪارڻ آهن، اسان سڀني کي دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا ختم ڪرڻ ۽ انهن کي طالبان توڙي ٻين دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جي استعمال ۾ اچڻ کان روڪڻ جي لاءِ گڏيل احساس آهي. اسان جي ذهن ۾ اها ڳالهه به آهي ته افغان سرحد لڳ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن مان نڪرندڙ دهشتگرديءَ سان پاڪستان۽ ان جا شهري پڻ متاثر ٿي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جا پاڙيسري ملڪ اهڙا ڪم نه ڪن جنهن سان ان ملڪ جون حالتون وڌيڪ بگڙي وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو فوجي مشن 31 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو، افعانستان جي حفاظت ڪرڻ افغان فوج جي ئي ذميواري آهي، ان وٽ طالبان سان جنگ ڪرڻ جي پوري صلاحيت موجود آهي. افغانستان جي صورتحال تي اسان کي سخت ڳڻتي آهي، افغان حڪومت جي حمايت ڪندا رهنداسين ۽ ان جي مدد لاءِ جڏهن به ۽ جتي به حملا ڪرڻا پيا ته ڪنداسين . ٻي پاسي آمريڪا جي بچاءُ واري سيڪريٽريءَ جو پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي فون ڪيو ۽ ساڻس افغان معاملي ۽ دفاعي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون.
