110

وزيراعظم سنڌ اچي،اسان کي ڀلي نه گهرائي،رڳو ڪيل اعلانن تي عمل ڪرائي:سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وزيراعظم سنڌ اچي، اسان کي ڀلي نه گهرائي، رڳو ڪيل اعلانن تي عمل ڪرائي، هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ هن چيو ته وڏو وزير انتظار ڪندو رهيو،وزيراعظم جي ڪراچي دوري بابت سرڪاري طور تي ڪو به پروگرام نه ڏنو ويو، هن چيو ته ٻڌو آهي ته ٽرانسفارميشن جي حوالي سان اجلاس هو،ان ۾به وڏي وزير نه ئي ٻين اسٽيڪ هولڊرن کي گهرايو ويو هو، وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت جي سنجيدگي جو ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچي لاءِ وٽس رڳو ڪجهه ڪلاڪ آهن، اسان چئون ٿا ته عمران خان ڀلي سنڌ ۾اچي،اسان کي گهرائي يا نه گهرائي،پر جيڪي اعلان ڪري وڃي ٿو،ان تي عمل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو