133

پرڏيهي مخالفن خلاف ڪريڪ ڊائون رپورٽ رد،ڌمڪي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي:پاڪستان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پرڏيهي مخالفن خلاف ڪريڪ ڊائون رپورٽ رد ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به شهري کي ڌمڪي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد رفيق چوڌري موجب برطانوي ميڊيا گروپ دي گارجين ۾ شايع ٿيل اهڙي رپورٽ کي سختي سان رد ڪيون ٿا، پنهنجن شهرين سميت ڪٿي به ڪنهن به بهاني سان رهيل ڪنهن به رياست جي شهرين کي ڌمڪي ڏيڻ جو سوال ئي پيدا ناهي، جڏهن ته جلا وطن پاڪستاني جيڪي فوج تي تنقيد ڪن ٿا،انهن کي برطانيا جي عملدارن خبردار ڪيو هو ته کين نشانو بڻايو ويندو، پاڪستان برطانيا جو مضبوط اتحادي آهي،اينٽيليجنس معلومات ۽ برطانوي سرزمين تي ماڻهن کي نشانو بڻائي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو