اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪي پي ڪي ۾ايندڙ سال بلدياتي چونڊن جي تجويز رد،بلوچستان کي تياري لاءِ مهينو مهلت. رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾بلدياتي چونڊون ڪرائڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي حڪومت جي ايندڙ سال مارچ 2022ع ۾ بلدياتي چونڊن جي تجويز رد ڪئي آهي، بلوچستان حڪومت کي به مهيني اندر چونڊن جي تياري بابت گهربل ڪم مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن موجب اليڪشن ڪميشن تڪبنديون ڪاميٽيون ۽ تڪبندين جي اٿارٽين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
